سجاول ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي

سجاول ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي

سجاول ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي ريلي

سجاول (ڊر) سجاول ۾ اسرائيل جي خلاف ۽ فلسطين جي حق ۾ جميعت علماء اسلام ضلع سجاول پاران مدني مسجد بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھري ۾ جي يو آئي سجاول جي اڳواڻن مولانا محمد انورسومرو مولانا غلام حسين ميمڻ مفتي ادريس سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته فلسطينين سان ظلم جي انتها ڪئي وئي آھي پر افسوس مسلمان ملڪ خاموش تماشائي بڻيل آھن ھنن مطالبو ڪيو ته سڀئي مسلمان ملڪ گڏجي اسرائيل کي سبق سيکارين ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم بند ڪرائين مظاهري ۾ مولوي شمس الدين سومرو مولوي زبير سومرو سميت وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي