وڳڻ ويجھو ٽي بي جي مريضن جي مفت علاج لاءِ طبي ڪيمپ قائم، سوين مريضن جون علاج ڪيو ويو

وڳڻ ويجھو ٽي بي جي مريضن جي مفت علاج لاءِ طبي ڪيمپ قائم، سوين مريضن جون علاج ڪيو ويو

وڳڻ ويجھو ٽي بي جي مريضن جي مفت علاج لاءِ طبي ڪيمپ قائم، سوين مريضن جون علاج ڪيو ويو

وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ لڳ ڳوٺ خيرپور جوسو جي سرڪاري اسپتال بنيادي صحت مرڪز ۾ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام ضلعي قمبر شھدادڪوٽ طرفان پي پي ايڇ آء جي تعاون سان ٽي بي جي مريضن کي مفت علاج فراھم ڪرڻ لاء ھڪ ڏينھن جي فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنھن ۾ ماھر ڊاڪٽرن جي ٽيم سوين مرد ۽ عورت مريضن کي چڪاسي کين سموريون دوائون مفت فراھم ڪيون ويون جڏھن ته ڪيمپ ۾ ٽي بي جي شڪي مريضن جون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون جن مان ڪجھ مريضن کي ٽي بي جي بيماري ظاھر ٿيڻ جو امڪان پڻ ٿيو ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر سيد حبيب الله شاھ بخاري ۽ پي پي ايڇ آء جي ضلعي مينيجر مير ھزار خان جلباڻي چيو ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان دل کي سڪون ملندو آھي قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي غريب مسڪين مريضن کي گھر ويٺي مفت علاج فراھم ڪندا آھيون اسانجو عزم آھي ته اسان پنھنجي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ کي ٽي بي جھڙي موذي مرض سميت ٻين مرضن کان پاڪ بڻايون ۽ پنھنجي ضلعي جي عوام کي صحت جون تمام بھترين نموني سان سموريون سھُولتون فراھم ڪريون.