وڏيرن ۽ سردارن کي عوامي عدالت ۾ ڏوھي ثابت ڪري چڪا آھيون: ام رباب چانڊيو

وڏيرن ۽ سردارن کي عوامي عدالت ۾ ڏوھي ثابت ڪري چڪا آھيون: ام رباب چانڊيو

وڏيرن ۽ سردارن کي عوامي عدالت ۾ ڏوھي ثابت ڪري چڪا آھيون: ام رباب چانڊيو

ميهڙ (رپورٽر) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته مون کي عدالت تي يقين آهي اميد آهي ته عدالت منهنجي ڏاڏي والد ۽ چاچي جي قاتلن کي سزا ضرور ڏيندي هن چيو ته اسان وڏيرن ۽ سردارن کي عوامي عدالت ۾ ڏوهي ثابت ڪري چڪا آهيون اسان کي اميد آهي ته پاڪستان جو قانون ۽ آئين مظلومن جو ساٿاري آهي اسان کي پاڪستان جو آئين ۽ قانون ئي انصاف ڏياري سگهي ٿو هن چيو ته هي عدالتن لاءِ امتحان جي گهڙي آهي ته عدالتون هن ۾ ڪيتريون ڪامياب ٿين ٿيون اسان کي اميد آهي ته عدالت هن امتحان جي گهڙي ۾ ڪامياب ٿي ويندي هن چيو ته عدالتن اندر ڪيسن ۾ فيصلي جي دير سبب ڏوھارين جي دل وڏي ٿي وڃي ٿي هو ڏوهه ڪن ٿا پراسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته قانون ڪمزور ناهي قانون ۽ آئين جو فيصلو منظور هوندو هن چيو ته اسان ڪمپرومائيز ڪرڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون هي ڪيس رڳو منهنجو نه پر سنڌ جي مظلومن جو ڪيس آهي ان ڪري مان نه سموري سنڌ هن ڪيس جي وارث آهي سنڌ جي عوام سردار کي قاتل قرار ڏئي چڪي آهي هي ظالم ، جابر ڀوتار آهن جيڪي پنهنجي طاقت ۽ پئسي جي زور تي هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته ماڻهن اسان جي جدوجهد ۾ نه بيهڻ ڪمپرومائيز جو شو شو اٿاري اسان جي جدوجهد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن ماڻهن تي غلط تاثر پيدا ٿئي جيڪا ناڪام ڪوشش هئي ھن چيو ته جاگيرداري نظام خلاف جدوجهد جاري رهندي مان پنهنجي ٽن قتلن ۾ ملوث جوابدارن کي ضرور سزا ڏياريندس مون ٽن وارثن جا جنازا کنيا آهن ان ڪري قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ مستقل مزاجي سان بيٺا آهيون ۽ بيٺل رهنداسين اسان جو ڪيس هلي رهيو آهي ڪيس ۾ اسان جي شاهدن گواهن کان مخالف ڌر جا وڪيل سوال جواب ڪري رهيا آهن اسان سرداري نظام خلاف جنگ جو علم بلند ڪيو آهي خدا جي ذات ۾ يقين آهي