سجاول ويجھو ڳوٺ موٽي جو گجو جي پرائمري اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻاٺ

سجاول ويجھو ڳوٺ موٽي جو گجو جي پرائمري اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻاٺ

سجاول ويجھو ڳوٺ موٽي جو گجو جي پرائمري اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻاٺ

سجاول(گلشيرميربحر)پڙھندا ٻار وڌندي سنڌ ڳالھين تائين محدود حڪومت سنڌ تعليم تي ڪو خاص ڌيان ناھي ڏنو سجاول ويجهو ڳوٺ موٽي جو گجو ۾ ٻارڙا فرش تي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور، ضلع سجاول جي تعليمي درسگاهن جي حالت سڌري نہ سگھي سجاول ویجھو ڳوٺ موٽي جو گجو پرائمري اسڪول ۾ سھولتن جي کوٽ سال 2010 ۾ ٺهندڙ اسڪول تباھ حالي جو شڪار بلڊنگ ھنڌا ھنڌا ٽٽي وئي اسڪولي شاگرد ۽ شاگردياڻيون فرش تي ويئي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور ٻارڙن جو چوڻ آھي ته اسڪول ۾ فرنيچر نہ ھئڻ جي ڪري سخت مشڪلات آھي سياري جي موسم ۾ ٿڌي فرش تي ويئي تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پرائمري اسڪول 2010 ۾ تعمير ٿيو ھو ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي چڪي آھي اسڪول ۾ فرنيچر،پاڻي ۽ ٻين سھولتن جي کوٽ آھي اسان جي اسڪول تي ڪنھن بہ آفيسر ڌيان ناھي ڏنو اسان حڪومت سنڌ ڊي سي سجاول، ڊي او پرائمري ايجوڪيشن،سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان جي اسڪول جي عمارت کي نئي سر تعمير ڪرائي فرنيچر ۽ ٻيون سموريون سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن اسان جا ٻار آساني سان تعليم حاصل ڪري سگهن