جھڏو ويجھو پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

جھڏو ويجھو پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

جھڏو ويجھو پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

جهڏو(رپورٽر) جهڏو لڳ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي گهر تي مبينا حملو، ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، جوڙي تي تشدد، متاثرن پاران تحفظ جي گهر، جهڏو لڳ ڳوٺ جلال الدين جروار جي رهواسي پريمي جوڙي 22 سالا نوجوان جلال پٽ علي محمد جروار ۽ سندس گهرواري 24 سالا مسمات ڪلثوم ڌيءَ متارو خاصخيلي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان هڪٻئي کي 3 سال کان پسند ڪندا هئاسين 12 ڏينهن اڳ ميرپورخاص جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي جنهن بعد ڇوڪري جا مائٽ اڪبر خاصخيلي، سڪندر خاصخيلي، لکمير خاصخيلي، شاهد خاصخيلي، يار محمد خاصخيلي ۽ ٻيا اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن هنن اڳ ۾ به اسان کي ڌمڪيون ڏنيون هيون جنهن بعد اسان عدالت ۾ ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي پر پوليس هنن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي جنهن بعد گذريل رات ڄاڻايل جوابدارن سان گڏ 20 ماڻهن لٺين ڪهاڙين ۽ هٿيارن سميت اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان تي تشدد ڪيو ۽ منهنجي گهرواري کي جان کان مارڻ ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد رڙين تي ڳوٺ جي ماڻهن پهچي اسان کي بچايو اسان جئين تئين ڪري پنهنجي جان بچائي پنهنجي ڳوٺ کان ڪافي پري ٻين مائٽن وٽ پناهه ورتي آهي هنن چيو ته اسان جي زندگين کي سخت خطرو آهي جوابدار ڌر بااثر هجڻ ڪري پوليس هنن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري جنهن سبب اسان دربدر ٿي سخت پريشان بڻيل آهيون اسان کي خدشو آهي ته اسان کي قتل ڪيو ويندو، هنن آئي جي سنڌ ايس ايس پي ميرپورخاص سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.