English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان وٽ جديد ٽيڪنالاجي نه ھوندي ته اسين ترقي نه ڪري سگھنداسين: نديم الرحمان ميمڻ
223 views
|
21st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اسان وٽ جديد ٽيڪنالاجي نه ھوندي ته اسين ترقي نه ڪري سگھنداسين: نديم الرحمان ميمڻ
حيدرآباد (بيورو) اسان ڊجٽلائيز دور مان گذري رھيا آھيون ، جيڪڏھن اسان وٽ جديد ٽيڪنالاجي نه ھوندي ته اسين ترقي نه ڪري سگھنداسين ، پھريان ڪنھن به نوجوان شاگرد وٽ ليپ ٽاپ ھجڻ ھڪ خواب ھو پر ھاڻي ھر شاگرد جي ضرورت آھي .اھا ڳالھ سيڪريٽري اطاعات کاتو سنڌ ، نديم الرحمان ميمڻ ، وزيراعظم پاڪستان جي ليپ ٽاپ اسڪيم فيز ٿري تحت سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ليپ ٽاپ ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي . سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ھن اسڪيم تحت پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورھايا پيا وڃن جنھن سان پڙھائي ۾ مقابلي جو رجحان وڌندو ء ھن جديد دور ۾ جيڪو شاگرد ذھين ، باصلاحيت ء ھنرمند ھوندو اھوئي ڪاميابي ماڻيندو . ھن چيو ته ھي دور ڪمپيوٽر ء آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آھي ء دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جا ذريعا وڌائڻ ء زرعي شين ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ لاء شاگردن کي تحقيق ڪرڻي پوندي ، جنھن لاء ھي ليپ ٽاپ سندن مددگار ثابت ٿيندا.سيڪريٽري اطلاعات سنڌ چيو ته زرعي شاگرد جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪراپ پراڊڪشن ، سوائل مينيجمينٽ ، ايگري بزنس ۾ بھتري آڻي سگھن ٿا. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ڊاڪٺر فتح محمد مري چيو ته وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسيڪم تحت زرعي يونيورسٽي جي 1025 پوزيشن ھولڊرس ۾ ليپ ٽاپ تقسيم ڪري چڪا آھيون . ھن چيو ته ليپ ٽاپ جي مدد سان شاگردن کي ريسرچ ڪرڻ ء نئين ٿيندڙ ريسرچ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي .ھن چيو ته ھو يونيورسٽي ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان سمارٽ ڪلاس ء اي آفيس متعارف ڪرائي رھيا آھي . ريجنل ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم منظور علي رند چيو ته ھيل تائين ٿري فيزن ۾ پاڪستان ۾ پنج لک ليپ ٽاپ شاگردن ۾ تقسيم ڪيا ويا آھن جن ۾ ھڪ لک ليپ ٽاپ سنڌ جي يونيورسٽين جي شاگردن کي ڏنا ويا آھن . ھن چيو ته اڄ زرعي يونيورسٽي 145 شاگردن ء مجموعي طور ٽئين فيز ۾ 1025 شاگردن کي ليپ ٽاپ ۾ تقسيم ڪري رھيا آھيون تقريب کي ريجنل ڊائريڪٽر ايڇ اي سي جاويد علي ، ڊين سوشل سائنس اعجاز علي کونھارو ء ٻين خطاب ڪيو . تقريب جي آخر ۾ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ ، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن محمد عمران ، جواد علي ، مينيزه ، زينب سحر، احمد رضا ، حسيب ، فرحان علي ، رميز راجه ، ثمر علي ء ٻين ۾ ليپ ٽاپ تقسيم ڪيا.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
نديم الرحمان ميمڻ
سيڪريٽري اطاعات کاتو سنڌ
يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ليپ ٽاپ ورھائ
0 تبصرے