سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۾ ڇڪتاڻ جاري، ملازمن جو آفيسون بند ڪري ڌرڻو

سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۾ ڇڪتاڻ جاري، ملازمن جو آفيسون بند ڪري ڌرڻو

سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۾ ڇڪتاڻ جاري، ملازمن جو آفيسون بند ڪري ڌرڻو

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ روينيو ملازمن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ بعد ڊي سي آفيس سميت ضلعي جون سموريون روينيو آفيسون بند ڪري اي سي آفيس سجاول اڳيان ڌرڻو ھڻي اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي خبر موجب: اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول پاران ملازمن سان بدڪلامي ۽ گارگند ڪرڻ خلاف سجاول ضلعي جي 5 ئي تعلقن جي روينيو آفيسن جي تالابندي ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي وئي ۽ اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو. سجاول جي اسسٽنٽ ڪمشنر رضوان عالم شيخ پاران ملازمن کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ گارگند ڪرڻ خلاف آپڪا، آل روينيو ايمپلائيز ايسوسيئشن، آل روينيو لوئر اسٽاف ايسوسيشن، تپيدار ايسوسيشن ۽ آل ملازم اتحاد پاران اي سي سجاول خلاف احتجاج ڪيو ويو ان ڏس ۾ روينيو ملازمن پاران ڊي سي آفيس سجاول، ۽ پنج ئي تعلقن جي ايسيز ۽ مختيارڪارن جي آفيسن جي تالابندي ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي وئي، جنھن بعد ٽينٽ ھڻي ملازمن اي سي سجاول جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي ملازم اڳواڻن يوسف ميربحر، الطاف ميمڻ، بچل لغاري، عبدالعزيز ٻاگھل, تپيدار آفتاب شاھ, آفتاب ڪناد، مظفر لغاري الطاف احمد ميربحر ۽ ٻين چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول رضوان عالم ميمڻ بدتميز آفيسر آھي ھن پھرين پڻ ملازمن کي گارگند ڪئي جنھن جي دانھن ڊي سي سجاول کي ڏني وئي جنھن اي سي کي ھدايت ڪري معاملو حل ڪرايو ان بعد ٻيھر اي سي سجاول سندس بنگلي تي ڪم ڪندڙ ملازم عبدالخالق ڀٽي تي بنا جواز تشدد ڪيو ۽ ٻين ملازمن علي رضا ميراڻي، مرتضي ملاح، الطاف ميمڻ ۽ ٻين کي گارگند ڪئي آھي، ھنن چيو ته ڪوبه قانون ملازمن کي گارگند ڪرڻ ۽ بداخلاقي سان پيش اچڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي ۽ اي سي بداخلاقي ڪري ملازمن جي عزت النفس کي مجروح ڪيو آھي ھنن چيو ته اسان اي سي جي زيادتين خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آھي ۽ اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته بدتميز اي سي سجاول کي فوري طور بدلي ڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ھنن چتاء ڏنو ته جيستائين اي سي کي بدلي نه ڪيو ويندو تيستائين ضلعي جون سموريون روينيو آفيسون بند رکيون وينديون ۽ احتجاجي تحريڪ جاري رھندي