نگران حڪومت“سسٽم” جو حصو بڻجڻ بدران عوام جون محروميون ختم ڪري: محمد حسين محنتي

نگران حڪومت“سسٽم” جو حصو بڻجڻ بدران عوام جون محروميون ختم ڪري: محمد حسين محنتي

نگران حڪومت“سسٽم” جو حصو بڻجڻ بدران عوام جون محروميون ختم ڪري: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنت زور ڀريو آهي ته نگران حڪومت“سسٽم” جو حصو بڻجي ڪم ڪرڻ بدران ان جو ٽوڙ ڪري عوام جون محروميون ختم ۽ سنڌ کي خوشحالي طرف گامزن ڪري،سنڌ روينيو بورڊ خزاني واري وزارت سميت ٻين محڪمن ۾ 12 سالن کان هڪ ئي سيٽ تي ويٺل ڪميشن مافيا سنڌ جي ترقي ۽ تعمير ۾ رڪاوٽ ۽ قومي خزاني کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهيو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين هر شهر ڪچري جو ڍير ۽ کنڊر بڻجي ويا آهن، حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن جي سبب ڏيڍ سال گذري وڃڻ باوجود سيلاب متاثرين دربدر ۽ پنهنجي گهرن کان محروم آهن. سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ جي تعاون سان 21 لک گهر تعمير ڪري ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، حڪومت ۾ نه هجڻ باوجود الخدمت فائونڊيشن ذريعي ريسڪيو، رليف بعد سيلاب متاثرين جي بحالي، هزارين گهرن جي تعمير، روزگار ۽ ٻارن جي ڪفالت توڙي تعليم ڏيڻ وارا قدم قابل تعريف آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن الخدمت فائونڊيشن سنڌ جي ريجنل جنرل ڪونسل اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري سميت سڄي سنڌ مان ضلعي صدور ۽ ٻين ذميوارن پڻ شرڪت ڪئي. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته انسان ذات جي ختم عين عبادت ۽ الله جي رضا حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي.#