English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي مان ۾ آجياڻو
191 views
|
22nd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي مان ۾ آجياڻو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي مان ۾ ڪائونسلر سهيل سولنگي ۽ ساٿين طرفان آجياڻو ڏنو ويو جنهن جي صدارت پ پ ڪراچي اوڀر جي ضلعي ڪوآرڊيبيٽر آصف خان جي هئي ۽ خاص مهمان چيئرمين صفوره ٽائون راشد خاصخيلي هو جڏھن اعزازي مهمانن ۾ حاڪم جسڪاڻي, اقبال ساند, ميڊم نصرت ڏيپر, چيئرمين يوسي 3 سچل ڳوٺ تاج محمد وساڻ, چيئرمين يوسي 4 بشير خاصخيلي, چيئرمين يوسي 1 ثاقب, سيد احمد شاھ ڪاظمي ۽ ٻيا شامل هئا تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پڻ اوڍايا ويا ۽ ڪائونسلر سهيل سولنگي آيل مهمانن جي آجيان ڪئي. پروگرام جي ڪارروائي خالد چنا ۽ يعقوب سولنگي هلائي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 1977ع ۾ اڳوڻي آمر ۽ ڊڪٽيڪٽر جي دور ۾ جمهوريت ۽ آئين جو قتل ڪيو ويو هو, ان دور ۾ آمريت خلاف ڳالهائڻ ۽ لکڻ وڏو گناھ سمجهيو ويندو هو, ان ظالماڻي عمل مان به پيٽ نه ڀريو ته وري محترمه بينظير ڀٽو کي به شهيد ڪرايو ويو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سچل ڳوٺ پ پ وڻ آھي ۽ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ, ماروئڙا ڳوٺ, شاهنواز شر ڳوٺ, شھيد مخدوم بلاول ۽ ٻيا علائقا ان جون شاخون آھن, ھنن وڌيڪ چيو ته پ پ جي عوام ۾ مقبوليت سبب مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن. ايندڙ اليڪشن ۾ پارٽي طرفان جنهن به اميدوار کي ٽڪيٽ ملندي اسان سڀ گڏجي ان جا هٿ مضبوط ڪنداسين. ٽائون چيئرمين راشد خاصخيلي چيو ته منهنجو ننڍپڻ سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ کيڏندي ۽ گهمندي گذريو آھي منهنجي ڪوشش آھي ته مان پنهنجن علائقن ۾ ايترا ترقياتي ڪم ڪرايان جو ايندڙ اليڪشن ۾ چونڊجي ايندڙ ايم پي اي ۽ ايم اين اي چون ته هتي سڀ سهولتون موجود آھن ۽ ھاڻي اسان ٻيو ڪهڙو ترقياتي ڪم ڪرايون. ان موقعي تي پ پ ليڊيز اڳواڻ غلام سڪينه ڪلر, پروين طارق معشوق منگي, اڪبر شاه ڪاظمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سچل ڳوٺ
بلدياتي چونڊن
0 تبصرے