تانيا خاصخيلي ڪيس جي جوابدار خانو نوحاڻي پاران اعتراف ڪرڻ باوجود کيس ڦاھي بدران عمر قيد جي سزا ملي: دعا خاصخيلي

تانيا خاصخيلي ڪيس جي جوابدار خانو نوحاڻي پاران اعتراف ڪرڻ باوجود کيس ڦاھي بدران عمر قيد جي سزا ملي: دعا خاصخيلي

تانيا خاصخيلي ڪيس جي جوابدار خانو نوحاڻي پاران اعتراف ڪرڻ باوجود کيس ڦاھي بدران عمر قيد جي سزا ملي: دعا خاصخيلي

حيدرآباد(بيورو) سيوهڻ جي علائقي جهانگارا ۾ 6 سال اڳ قتل ٿيل ميٽرڪ جي شاگردياڻي تانيا جي وارثن قتل ڪيس جي مک جوابدار کي آيل عمر قيد ۽ هڪ جوابدار کي باعزت بري ٿيڻ واري عدالتي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مقتول شاگردياڻي تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي چيئرمين الطاف شڪور ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سيوهڻ جي شهر جهانگارا ڀرسان جوابدار خانو نوحاڻي پنهنجي ساٿين جي مدد سان سندن گهر ۾ گهڙي شادي کان انڪار تي تانيا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو هن عدالت ۾ پڻ اعتراف به ڪيو آهي ان باوجود جوابدار کي موت جي سزا بدران عمر قيد جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ڪيس جي هڪ جوابدار عالي نوحاڻي کي سيوهڻ جي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ جوابدار 6 سالن کان روپوش آهي جنهن کي پوليس 6 سال گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن چيو ته مک جوابدار خانو نوحاڻي کي عدالت پاران ٻڌايل عمر قيد واري سزا کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جلد نالي واري وڪيلن جي معرفت هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين. هن چيو ته هڪ معصوم نياڻي جا وارث پنهنجي نياڻي جي قتل ڪيس ۾ انصاف لاءِ عدالتن جا ڌڪا کائي رهيا آهن جڏهن ته ڪيس جي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين مختلف سردارن ۽ چڱن مڙسن جي ڌمڪين کي اسان منهن ڏئي رهيا آهن پر اسين ڪيس تان هٿ نه کڻنداسين. هن چيو ته ڀيڻ تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ انصاف ملڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. تانيھ جي ڀيڻ دعا خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ جوابدار خانو نوحاڻي پاران اعتراف ڪرڻ باوجود کيس ڦاھي بدران عمر قيد جي سزا ملي، ڇھن سالن بعد پورو انصاف نھ مليو، مراد علي شاھھ تڏي تي اچي آٿت ۽ انصاف جي خاطري ڪرائڻ بدران ميڊيا تي ڪاوڙ ڪڍي وئي.