English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير؛ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران يوسي چشما جي بختاور ڳوٺ جو دورو، شھرين سان ملاقات
views
|
17th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ملير؛ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران يوسي چشما جي بختاور ڳوٺ جو دورو، شھرين سان ملاقات
ملير(ڊ ر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو يوسي چشما جي بختاور ڳوٺ جو دورو ڪيو۽ شھرين سان ملاقات ڪئي, بختاور ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت مهيا ڪرڻ لاء نئين پاڻي جي لائين وڇائڻ ۽ ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو,
ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو بختاور ڀٽو ڳوٺ جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاء نئين ڊسپينسري جي تعمیر لاءِ ھند جو وڻ جائزو ورتو، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي ڊسپينسري جي قيام جي لاءِ تعميراتي ڪمن کي جلد کان جلد شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بختاور ڳوٺ جي رهواسين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏيڻ لاء نئين لائين وڇائي پئي وڃي, جنهن سان بختاور ڳوٺ جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ملندي,
عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ اسانجو فرض آھي, ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته بختاور ڳوٺ جي رهواسين کي صحت جي مفت سهولت مهيا ڪرڻ لاء نئين ڊسپينسري قائم ڪئي پئي وڃي, ڊسپينسري جي قيام جو مقصد عوام کي مفت ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي قيادت ۾ ابراهيم حيدري ٽائون جي عوام جي خدمت جو تسلسل جاري رهندو.
عوام کي صحت، تعليم، پاڻي، سيوريج ۽ ٻين بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ جي لاءِ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي مان ڪلين سوئيپ ڪندي ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.
ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪنهن جماعت ڪم ڪيا آهن ته اهو صرف ۽ صرف پاڪستان پيپلزپارٽي ڪم ڪيا آهن پاڪستان پيپلزپارٽي روزگار سان گڏ عوام کي سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون آهن
مخالف جيترو چاهين مخالفت ڪن عوام پاڪستان پيپلزپارٽي کان علاوه ڪنهن ٻئي تي اعتماد نه ڪندي ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته ڪراچي سميت صوبي سنڌ ۽ پوري پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.
ان موقعي تي ٽائون آفيسرن چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ساجده، سپريڊنٽ انجنيئر مرتضيٰ ملڪ، ايڪسيئين امان ڀٽي، فهيم احمد سميت جنرل ڪونسلر شاهنواز ڀٽو، يوٿ ڪونسلر امير بخش ڀٽو، يوسف خٽڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري
ملير
ڇيئرمين نظير احمد ڀٽو يوسي چشما
بختاور ڳوٺ جو دورو ڪيو۽ شھرين سان ملاقات ڪئي
0 تبصرے