فلسطينين جي نسل ڪشي کي 40 ڏينهن گذرڻ باوجود دنيا خاموش آهي: مولانا اسدالله ڀٽو

فلسطينين جي نسل ڪشي کي 40 ڏينهن گذرڻ باوجود دنيا خاموش آهي: مولانا اسدالله ڀٽو

فلسطينين جي نسل ڪشي کي 40 ڏينهن گذرڻ باوجود دنيا خاموش آهي: مولانا اسدالله ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملي يڪجهتي ڪونسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته فلسطين ۾ انسانيت خلاف ٿيندڙ سنگين ڏوهن تي دنيا نوٽيس وٺي، فلسطيني عوام جي نسل ڪشي کي چاليهه ڏينهن گذري چڪا آهن، پر انساني حقن جي ادارن سميت دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، هاڻي ته يهودي دهشتگردي هٿان اسپتالون، اسڪول، ايمبولينسون ۽ مريض به محفوظ ناهن رهيا، غزه جي ويڙهه ڪتن ۽ ٻلين جي حق جي ڳالهه ڪندڙ مغرب جي منافق چهري تان نقاب لاهي ڦٽي ڪيو آهي، آمريڪي پٺڀرائي ۾ يهودي دهشتگرد رياست انسانيت ۽ عالمي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي، افغان مجاهدين جهڙي طرح سان پنهنجي ايماني طاقت سان نيٽو ۽ روس جي جديد اسلحي سان ليس فوجين کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو ان شاء الله ساڳي طرح سان غزه ۾ حماس جي مجاهدين هٿان يهودي فوجين کي ذلت آميز شڪست ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي سيڪريٽريٽ ۾ جمعيت اتحاد العلما سنڌ جي ناظم اعلى مولانا حزب الله جکرو جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪرڻ واري وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. مولانا ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو اڄ اڪثريت باوجود مسلم حڪمران غزه جي تباهي جو انتظار ۽ رڳو مظلوم فلسطيني عوام جي لاشن جي ڳڻپ ڪري رهيا آهن، مسلمان حڪمران ٿوري به غيرت جو مظاهرو ڪن۽ اسرائيل توڙي سندس حمايتي ملڪن جو تيل ۽ گيس بند ڪن ته هو گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي پوندا. مولانا اسدالله ڀٽو زور ڏنو ته عالم سڳورا منبر ۽ محراب ذريعي غزه ۾ ٿيندڙ اسرائيلي دهشتگردي خلاف آواز ۽ حماس جي مجاهدين جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دُعائون ڪن.#