سجاول ۾ مھمان پکين جي آمد بعد شڪاري سرگرم

سجاول ۾ مھمان پکين جي آمد بعد شڪاري سرگرم

سجاول ۾ مھمان پکين جي آمد بعد شڪاري سرگرم

سجاول (رپورٽر) مھمان ٿي آيل پکين جو ناجائز شڪار ڪندڙن شڪارين خلاف ڪاررواين جو آغاز شروع ڪيو ويو آھي۔ ان سلسلي ۾ وائيلڊ لائيف کاتي جي ٽيم ساحلي پٽي شاھ بندر جي مختلف ڍنڍن ۾ لڳيل رڇ لاھي ڇڏيا، ڊپٽي ڪنزرويٽر حيدرآباد واجد علي شيخ جي سخت هدايتن تي سجاول جي گيم انسپيڪٽر سيد مختيار علي شاھ پنھنجي ٽيم ساڻ سجاول جي ساحلي پٽيءَ جي ڍنڍن ۾ پکين جي جھلڻ لاء لڳايل رڇ لاھي ورتا آهن۔ ان موقعي تي گيم انسپيڪٽر جو چوڻ آھي تہ مھمان پکين ساحلي علائقن ۽ ڍنڍن جي سونھن ھوندا آھن، اھڙن ناياب نسل ۽ مھمان پکين جي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڪنھن کي بہ نہڏني ويندي۔ هن چيو تہ سائيبريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان مھمان پکين جي اچڻ جو سلسلو جاري آھي انھن جي حفاظت ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح ۾ شمار آھي، غير قانوني شڪار ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔