قمبر ويجھو ڳوٺ علي محمد اھير ۾ سارين جي ٻن ڌارين کي باھ وڪوڙي ورتو

قمبر ويجھو ڳوٺ علي محمد اھير ۾ سارين جي ٻن ڌارين کي باھ وڪوڙي ورتو

قمبر ويجھو ڳوٺ علي محمد اھير ۾ سارين جي ٻن ڌارين کي باھ وڪوڙي ورتو

قمبر (رپورٽر) قمبر ويجھو ڳوٺ علي محمد اهير ۾ نامعلوم شرپسندن محمد بخش اهير ۽ زاهد شاه جي زرعي زمين ۾ رکيل سارين جي 11 جريبن جي 2 ديرن کي باه ڏئي ڇڏي جنهن سبب لکين روپين جي ماليت جون سوين مڻ ساريون خاڪ ٿي ويون اطلاع تي فائر برگيڊ گاڏي پهچي باه تي ضابطو آڻي ڀرپاسي ۾ رکيل سارين جي ديرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو متاثر پورهيت محمد بخش جو چوڻ هيو تہ ڪنهن سان بہ دشمني نہ آھي زرعي زمين کان واپس گهر پهتاسين تہ اهڙو اطلاع مليو.نامعلوم شرپسندن منهنجي 6 جريبن جي سارين جي ديري کي باه ڏني جيڪا تيز هوائن سبب پاسي ۾ رکيل زاهد شاه جي 5 جريبن جي ديري کي بہ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي وڏو ظلم ڪيو ويو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي