پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد پاران افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاھرو

پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد پاران افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاھرو

پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد پاران افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاھرو

پيروسڻ(رپورٽر)گو افغاني گو پيروسڻ ۾ نوجوان اتحاد سراپا احتجاج ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي سنڌ ۾ غيرملڪي افغاني بنگالي ۽ برهمي بار بڻجي ويا آھن جلد پنهنجي ڏيھ موڪليا وڃن نگران حڪومت افغانين کي پهرين نومبر جو الٽيميٽم ڏنو هو پر ان تي ڪو به عمل ناهين ٿي سگهيو ٻھراڙين جي علائقن م ڪافي افغاني ترسيل آھن پاڪستان م اچن ته ويزا تحت اچن سنڌ مان افغانين کي فوري طور تي واپس افغانستان موڪليو وڃي مطالبو :تفصيل موجب : پيروسڻ م نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران غير ملڪي افغانين جي نيڪالي لاءِ حُسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مين چوڪ کان ٿيندي پيروسڻ ٿاڻي تي پهتي ريلي م گو افغاني گو جا نارا هڻي رهيا هئا ريلي جي اڳواڻي منظور سنڌي باسط سومرو شھزاد شر صدام سنڌي زاهد گل مجيداڻو علي محمد مجيداڻو امداد مجيداڻو زوهيب فل اياز فل فهد حاجاڻو سراج سنڌي امتياز فل ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ غير ملڪي افغاني بنگالين برمي بار بڻجي ويا آھن نگران حڪومت پاران ڏنل الٽيميٽم جو مدو به پورو ٿي ويو پر ڪافي شھرن توڙي ڳوٺن م اڃا به افغاني موجود آھن انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن هو سنڌ ڇڏي افغانستان هليا وڃن پاڪستان م اچن ته ويزا ذريعي اچن سنڌ ۾ افغانين کي فوري طور تي واپس موڪليو وڃي سنڌ ڪوئي عالمي يتيم خانو ناهين سنڌ سنڌين جي آھي افغانين سميت سمورا ڌاريا واپس موڪليا وڃن سنڌ جي وسيلن جي فرلٽ بند ڪئي وڃي سنڌ جيڪا وسيلن سان مالا مال هوندي بک بدحالي غربت جي ور چڙھي وئي آھي اهو وسيلن جي فر لٽ ۽ ڌارين جي آبادڪاري جو نتيجو آھي سنڌ ۾ ٺھندڙ شھر ڌارين جي آبادي جون پناهگاهون ٿينديون اسان کي افغاني ڪنهن به صورت م قبول ناهين جلد کان جلد هنن کي پنهنجي ڏيھ واپس موڪليو وڃي