English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نيو ڪراچي جي سپر ھاءِ وي وٽ لياري ندي جي پل زبون حالي جو شڪار
176 views
|
12th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
نيو ڪراچي جي سپر ھاءِ وي وٽ لياري ندي جي پل زبون حالي جو شڪار
گڏاپ (رپورٽر)نيو ڪراچي کي سپر هاءِ وي جمالي پل سان ڳنڍڻ واري پل هنڌان هنڌان اکڙي وئي. لياري ندي واري پل زبون حالي جو سبب پل کي خطرناڪ کڏو پئجي ويو جيڪو ڪنھن بہ ٽائيم وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھي ٿو. رات جي پھر ۾ توڙي ڏينهن جو تيز رفتار گاڏين سان حادثا به روزانو جو معمول بڻجي ويا. ذريعن موجب نيو ڪراچي ٽريفڪ پوليس اور لوڊ ٽرالر توڙي لوڊ گاڏين کان ڳري رشوت وٺي پل تان گزرن جي اجازت ڏيڻ ۾ پڻ مصروف آهن. جڏھن ته عوام جي بار بار شڪايتن باوجود سهراب ڳوٺ ٽائون انتظاميه توڙي نيو ڪراچي ٽائون انتظاميه ڪوبه ڌيان نه ڏنو. بار بار سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پل جون خبرون ھلڻ توڙي عوام جي احتجاج جو ڪنھن بہ ڪاموري نوٽس نه ورتو. ضلعي سينٽرل صبا سينما ڀرسان لياري ندي واري پل جيڪا نيو ڪراچي کي سپر هاءِ وي جمالي پل ۽ نيو سبزي منڊي سان ڳنڍي ٿي، جيڪا گزريل ڪيترن ئي عرصي کان زبون حالي جو شڪار آهي. جيڪا ميئر ڪراچي سميت چونڊيل حڪومتي نمائندن جي نظرن کان اوجھل آھي. ھن پل مان روزانو ھزارن جي تعداد ۾ شھري سفر ڪن ٿا جن کي مين روڊن تي پيل کڏن ۽ زبون حالي پل تان گزرڻ ۾ ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پل جي مين روڊ تي پيل کڏو ڪنھن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگھي ٿو. شهرين ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کان مطالبو ڪيو آهي ته لياري ندي صبا سئنيما پل جو فوري طور نوٽيس وٺي ان جي مرمت ڪرائي وڃي عوام کي سفري سهولتون فراھم ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
)نيو ڪراچي
سپر هاءِ وي جمالي پل
لياري ندي واري پل زبون
0 تبصرے