ايس ايس پي شڪارپور محمد عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

ايس ايس پي شڪارپور محمد عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

ايس ايس پي شڪارپور محمد عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي صدارت هيٺ شڪارپور پوليس جو اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ تمام ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز هيڊ آف برانچز، ڊي ايس پيز شرڪت ڪئي. امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي بعد ۾ ايس ايس پي شڪارپور شڪارپور پوليس جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان شڪارپور ضلعي جي موجوده امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. امن و امان برقرار رکڻ ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ شڪارپور پوليس جي اولين ترجيح آهي، ان حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ۽ سمورن آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڪچي جي علائقن، سمورن قومي شاهراهن ۽ ٻين اهم علائقن ۾ پوليس اسٽيشنن، ٿاڻن، پوسٽن، پڪٽس کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏ موثر گشت، چيڪنگ، باقاعدگي سان ڇاپا ۽ سرچ آپريشن کي يقيني بڻايو وڃي تمام ڏوهارين ايڪٽو ڪرمنل جي خلاف ٽارگيٽڊ ايڪشن ڪيو ويندو. ايس ايس پي شڪارپور هدايتون جاري ڪيون ته ڪنهن به واقعي جي صورت ۾ لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ذاتي طور تي واقعي واري هنڌ پهچي مدعي کان تفصيل وٺي فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهرين کان چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو وڃي. سمورن گهربل ۽ اشتهاري جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. غير قانوني هٿيار، منشيات ۽ اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ان سلسلي ۾ پندرهن ڏينهن جي خصوصي مهم پڻ شروع ڪئي وئي آهي. تمام ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز هر قسم جي منظم ڏوهن، منشيات/گٽڪا مين پڙي، جوا، آڪڙا پرچي، جي خاتمي لاء قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪڏهن ڪوئي به پوليس آفيسر يا اهلڪار ڏوهن ۾ ملوث ثابت ٿيو ته ان خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ايس ايس پي شڪارپور آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ته سمورا آفيسر گمشدگي، اغوا، چوري، ڌاڙن ۽ قتل جي ڪيسن جو پتو لڳائڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائين. غير قانوني پرڏيهين خلاف موثر ڪارروائي ڪري اهڙن ماڻهن کي هولڊنگ ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو ته جيئن اهڙن ماڻهن کي سندن ملڪ واپس موڪليو وڃي. پوليس اسٽيشنن ۾ موجود نفري ۽ ٻيا وسيلا مڪمل طور استعمال ڪيا وڃن ۽ سمورن ٿاڻن جي مال خانن، هٿيارن، ۽ سمورن رجسٽرن کي مڪمل رکيو وڃي. مقامي معززين، واپارين ۽ سول سوسائٽي سان سٺا لاڳاپا قائم ڪري ڪميونٽي پوليسنگ کي فروغ ڏنو وڃي. شهرن جي سمورن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وڃن ۽ شهر جي اندر سخت چيڪنگ ڪئي وڃي ۽ شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي. تمام ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز روزاني جي بنياد تي پنهنجي آفيسن ۾ ويهندا ۽ پوليس ٿاڻن تي ايندڙ شهرين جا مسئلا ٻڌي کين انصاف فراهم ڪن. ايس ايس پي شڪارپور چيو ته تمام پوليس آفيسر جاچ جي عمل کي شفاف بڻائي، جوابدارن کي لاڳاپيل عدالتن مان سزائون ڏياريون ته جيئن سماج ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي سگهي.