نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي، جلسو بھ منعقد

نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي، جلسو بھ منعقد

نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي، جلسو بھ منعقد

حيدرآباد /نصيرآباد(رپورٽر)نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ھزارين عورتن سان گڏ وارھ اسٽاپ کان محبت سنڌ ريلي ڪڍي انڊس شادي حال ۾ جلسہ عام ڪيو ويو. اياز لطيف پليجو جو ڪي اين شاھ، ڪولاچي موري، ميھڙ ۾ ھزارين ماڻھن شاندار استقبال ڪري کيس اجرڪن، لنگھين ۽ سنڌي ٽوپيون پھرائي گلن جي ورکا ڪئي. جڏهن تہ نصيرآباد شهر پھچڻ تي واپارين، سياسي سماجي ڪارڪنن، شھرين سميت ھزارين ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون اوڍايون اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪيو. محبت سنڌ ريلي ۽ جلسه عام ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سينيئر نائب صدر روشن ڪنراڻي، ترجمان اشرف پليجو شوڪت تنيو،اڪبر خاصخيلي، عنايت لاشاري عنايت تنيو، سڪندر لاشاري سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو، نصرت خاصخيلي،راحيلا ڀٽو ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. جلسہ ۾ اياز لطيف پليجي جي 55ھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. اياز لطيف پليجي کي سوين لنگيون، اجرڪون، ٽوپيون ۽ ھار پارايا ويا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا، سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي وئي آهي. 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ آرٽيڪل 62، 63 تي عمل ڪندي ڪرپٽ اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن سردارن ۽ وڏڙن ڇوڪرين جي تعليم جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن سنڌ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌ جي غربت ۽ تباهي جي بنيادي ذميوار پيپلز پارٽي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران حڪومت مهانگائي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، گذريل 20 سالن ۾ سنڌ ۾ هڪ به وڏي صنعت قائم نہ ٿي آهي سنڌ جا ادارا تباھ، ڳوٺ فقير، شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، سنڌ جي لٽيل هڪ هڪ روپي ۽ هڪ هڪ ڏوھ جو حساب سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ وٺندا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي سنڌ ۾ ڌارين کي آبادڪار ڪرڻ جي سخت مزاحمت ڪنداسين سينيٽ کي عوام جو حقيقي نمائندو ۽ طاقتور فورم بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪرپشن جي بچاءَ لاءِ هاڻي سنڌ ڪارڊ نہ هلندو.ايازلطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۽ ملڪ مان سمورن غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا پي ٽي آءِ کي ڪو اختيار نہ آهي تہ سنڌ جي وحدت بابت فيصلا ڪن سنڌ جو عوام امن ۽ ترقي چاهي ٿو، انهن تي ٻيهر پراڻو تجربو نه ڪيو وڃي. ڪوئلو، گئس ۽ پيٽرول پيدا ڪندڙ صوبي جو عوام بکيو سمهي رهيو آهي ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي پويان ٻاهرين قوتن جو هٿ آهي سنڌ کي ظالم ۽ ڪرپٽ وزيرن کان آزاد ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي. معصوم ماڻھن کي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت سڄي سنڌ مان غير قانوني افغانين کي ڪڍيو وڃي. اليڪشن ڪميشن نالي ۾ خودمختيار آھي. پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ لاء ھر سنڌ دشمن فيصلو قبول ڪرڻ لاء تيار آھي. 2024 جون چونڊون شفاف ٿيون تہ عوام ڪرپٽ پيپلز پارٽي کي رد ڪري ڇڏيندو. پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، ھڪ طرف سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ حڪمران خوشحال آھن. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي اياز لطيف پليجي چيو تہ 40 لک افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين جا شناختي ڪارڊ ٺاھڻ ۾ ملوث نادرا عملي ۽ آفيسرن کي برطرف ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ نشاندھي ڪيل لکين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور واپس موڪليو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ جيڪو بہ غير قانوني پرڏيھي اچي ٿو ان جي آخري منزل ڪراچي آھي، جنھن سان سنڌي ماڻھو اقليت ۾ تبديل ٿي رھيا آھن۔ غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي وسيلن، روزگار تي بار آھن ۽ امن امان لاء وڏو خطرو آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اردو، پنجابي، پشتون، سرائيڪي ۽ بلوچ اسان جا ڀائر آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جي ماڻھن جو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته نگران حڪومت پيپلز پارٽي حڪومت جو تسلسل آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري لکين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃي. عام چونڊن ۾ روينيو يا سنڌ حڪومت جي ڪنھن ٻي کاتي جي آفيسرن کي آر اوز بنايو ويو تہ اليڪشن شفاف نہ ٿيندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ ٻين علائقن ۾ لکين ايڪڙ زمينن تان بلڊر مافيا جا قبضا ختم ڪيا وڃن. بي زمين ھارين ۾ 50/50 ايڪڙ سرڪاري زمين ورھائي وڃي. زراعت کي بحالي لاءِ آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض، ڀاڻ، ٻج ۽ ٻيا زرعي اوزار ڏنا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ھر ضلعي ۾ انڊسٽريل زون قائم ڪري مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي. سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڊيم يا منصوبو قبول ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ لاءِ گريٽر ٿل ڪئنال، چشمه جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال وھائڻ بند ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٿرڪول ۾ ننڍين نوڪرين بدران ٿر جي نوجوانن کي اھم عھدن تي مقرر ڪيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھي بادشاھت چاھين ٿا۔ جنھن ۾ عوام غلام ھجي۔ بيورو ڪريسي ۽ ادارا ھنن جي حڪمن جا محتاج ۽ اشارن تي فقط ھنن جي مرضي وارا ڪم ڪندا رھن۔ ھنن لاء قانون جي حڪمراني۔ انصاف۔ برابري۔ انساني حق ۽ ميرٽ فقط تقريرن ۽ ڪتابن ۾ سٺا آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزانچي شوڪت تنيو خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، ھڪ طرف سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ حڪمران خوشحال آھن.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي پارٽي ٻيھر اقتدار لاءِ ھر سنڌ دشمن فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عنايت لاشاري خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سوداگر آھن، ھن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا. پيپلز پارٽي 15 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو.