سجاول ۾ آپڪا پاپوليشن ونگ ملازم اتحاد سنڌ جا عھديدارن پاپوليشن آفيس پھچي ويا
سجاول (رپورٽر) آپڪا پاپوليشن ونگ ملازم اتحاد سنڌ جي عهديدارن ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس سجاول پهچي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا،تفصيل موجب: آپڪا پاپوليشن ونگ ملازم اتحاد سنڌ جي عهديدارن آپڪا صوبائي چيئرمين لالا محمد پناه پٺاڻ، آپڪا صوبائي صدر علي گوهر رند، آپڪا صوبائي جنرل سيڪريٽري ظهير احمد سولنگي آپڪا ۽ ضلع گهوٽي جي صدرحبيب الله سومرو ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس سجاول پهچي ڊسٽرڪٽ آفيسر عبدالوهاب عباسي، آپڪا ضلع سجاول جي صدر سلمه ميمڻ، نازيه ميمڻ، عائشه، پروين ۽ ٻين سان ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ملازمن جي مسئلن تي ڳاله ٻوله ڪئي وئي ان موقعي تي آپڪا صوبائي چيئرمين لالا محمد پناه پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته ڪافي ڏينهن کان ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس سجاول جي ملازمن جو پاڻ تڪرار هلندڙ هو جنهن جي حل لاءِ سجاول پهتا آهيون اسان ضلع آفيسر عبدالوهاب عباسي ۽ ٻين سان ميٽنگ ۾ ڳاله ٻوله ٿي آفيسر عبدالوهاب عباسي ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ يقين ڌهاني ڪرائي ته اسان جي آفيس جا ٻه ڄڻا ڪلرڪ طالب انڙ ۽ مهتاب قريشي جيڪي اسان جي آفيس جي ملازم عورت کي ورگلائي ان کي استعمال ڪري منهنجي مٿان ڪوڙا الزام هنيا ويا ۽ اسان جي پوري ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هاڻي انهن ٻنهي جي بدلي ٿي وئي آهي اسان پنهنجي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ جيڪي به ناراض ملازمن آهن انهن جون شڪوا ۽ شڪايتون ختم ڪري مسئلن کي حل ڪنداسين.
0 تبصرے