ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي حوالي سان گڏجاڻي

ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي حوالي سان گڏجاڻي

ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي حوالي سان گڏجاڻي

قمبر (رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ 27 نومبر کان 03 ڊسمبر 2023ع تائين شروع ٿيندڙ پوليو مھم جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ سجاد حيدر قادري جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ ڊي پيڪ جي ميٽنگ ٿي ميٽنگ ۾ پوليو اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر فريد احمد لاڙڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٽوٽل آبادي لڳ ڀڳ 14 لک آھي ۽ تعلقن جو تعداد 7, يو سي ايم او 40, ايس ايم ٽي يو سي 8 ۽ نان ايس ايم ٽي يو سي 32 آھن جتي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن جو تعداد 3لک 67 ھزار 7 سئو 73 آھي جن کي ھن پوليو مھم دوران ڦڙا پياريا ويندا، اسان جون موبائيل ٽيمون 1008، ٽرانزٽ پوائنٽس جو تعداد 62، فڪسڊ ٽيمون 64 ۽ EPI سينٽرن جو تعداد 62 آھي ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي ضلعي جي ڪجھ علائقن ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦُڙا پيئارڻ کان انڪارين جو تعداد گھڻو آھي. جيڪي اسان جي پوليو ٽيم ورڪرن سان تعاون نه ٿا ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ٿا ڇڏين. جنھن تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ سجاد حيدر قادري اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار صاحبان کي ھدايتون ڏيندي چيو ته جنھن به ٻارڙن جا والدين پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري رھيا آھن انھن سان ملاقات ڪري انھن کي سمجهائن ته ھو پنھنجن پيارن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ته جيئن ھو ھن موذي مرض کان بچي سگهن. ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر نياز حسين جمالي، ڊاڪٽر عبدالعزیز منگي، ڊاڪٽر الطاف حسين ٻرڙو ڊسٽرڪٽ پوليو فوڪل پرسن ،ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر نازيا آصف، يونيسيف جي نمائندن، پوليس، اين جي اوز ۽ PPHI جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.