شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، نوجوان کي اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ

خانپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري

شڪارپور پوليس جي ڪارروائي، نوجوان کي اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس جي بروقت ڪارروائي ڪري دوستي جي آڙ ۾ ڪچي جي طرف ويندڙ نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ ھو تھ خانپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي. ضلعي ڪنڌڪوٽ جو رهواسي عاطف پٽ رحمت ﷲ سهرياڻي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. دوستي جي آڙ ۾ هڪ شخص ڳڙهي تيغو ڏانهن وڃي رهيو هو، جنهن کي ٽيڪنيڪل اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري کيس بچائي ورتو آهي، ٽيڪنيڪل اطلاع تي ڊي ايس پي خانپور محمد علي سومرو بروقت ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد سپي پڪٽ تي پهچي کيس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو بازياب ٿيل يرغمالي پوليس کي ٻڌايو ته 5 سال اڳ سعودي عرب ۾ مزدوري ڪرڻ دوران محمد حسن تيغاني نالي هڪ شخص سان دوستي ٿي هئي. اغوا کان بچي ويل شخص دوست جي دعوت کائڻ ڪچي واري علائقي وڃي رهيو هو، اغوا ٿيل شخص کي باحفاظت وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، اغوا کان بچي ويل نوجوان جي وارثن ايس ايس پي شڪارپور جناب خالد مصطفيٰ ڪورائي صاحب ۽ ڊي ايس پي خانپور جي ڪامياب ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو اغوا جي اهڙي واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ وٺن ۽ ان تي ڪڙي نظر رکو.