سنڌ ملاح فورم سنڌ جو اھم اجلاس ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

سنڌ ملاح فورم سنڌ جو اھم اجلاس ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

سنڌ ملاح فورم سنڌ جو اھم اجلاس ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سنڌ ملاح فورم سنڌ جو اھم اجلاس سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ يڪراء فيصلو ڪري 21 نومبر ماھيگيرن جو عالمي ڏيھاڙو دادو شھر ۾ ملھائن جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي صدر ماجد سڪندر ملاح، مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ملاح، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ظھور احمد ملاح، لاڙ ڊويزن جو صدر پرويز احمد پاتڻي، ضلعي ٺٽي جو صدر محمد ايوب ملاح، وڏيرو محمد عرس گندرو، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، ٺٽو سٽي جو صدر محمد خان ملاح، وڏير غلام قادر ملاح، شھيد بينظيرآباد ڊويزن جو صدر نثار احمد ملاح، حاجي خان ملاح، حيدرآباد ڊويزن جي صدر مير نواز ملاح، سکر ڊويزن جي صدر شير محمد ميراڻي، دلبر ميراڻي، سمف سجاول ضلعي جي جنرل سيڪريٽري نواب روپائي ملاح، سمف ٽنڊو محمد خان ضلعي جي صدر سھيل پپو ملاح، جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ شھزاد ملاح، ضلعي حيدرآباد جي صدر علي حسن ملاح، ضلعي ڄام شورو جي صدر غلام شبير ملاح، راجا شريف ملاح، ضلعي دادو جي صدر ڊاڪٽر عبدالحميد ميراڻي، ظفر ملاح، نوابشاھ ضلعي جي صدر سردار علي بخش ملاح، رفيق ملاح، ضلع نوشھرورفيروز جي صدر حاجي فيض محمد ملاح، جنرل سيڪريٽري نديم ملاح، لاڙڪاڻي جي صدر جاويد ميراڻي، ضلع خيرپور ميرس جي صدر فقير علي حسن ملاح، جنرل سيڪريٽري عارب ملاح، جيڪب آباد جي صدر جان محمد ميراڻي، راجا ميراڻي، ضلع بدين جي جميل جان ملاح، لطيف ملاح، غلام رسول ملاح، عبدالحڪيم گندرو، منصور ملاح، دلبر ميراڻي، اصغر ميراڻي، ديدار ملاح، شھمير ملاح شاھد ملاح، سمف يوٿ اڳواڻ اعجاز ملاح ھاشم ملاح سميت سنڌ جي ملاح برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، ڏاڏا ادم گندرو، ماجد سڪندر ملاح، ذوالفقار ملاح، ڊاڪٽر عبدالحميد ملاح، شير محمد ميراڻي، سردار علي بخش ملاح، مير نواز ملاح، علي حسن ملاح، حاجي فيض محمد ملاح، جاويد ميراڻي، محمد ايوب ملاح، وڏيرو محمد عرس گندرو، پرويز پاتڻي ۽ ٻين چيو تہ سنڌ ۾ وڏي ابادي ملاحن، ماھيگيرن جي ھوندي بہ کين ھر دور ۾ سمورين بنيادي سھوليتن ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ان کانسواء ماھيگيرن جي روزگار جي وسيلن تي قبضا ٿيڻ سميت سمنڊ اندر بااثر ڀتا خورن بہ ماھيگيرن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، پر فشريز کاتي سميت سنڌ سرڪار توڙي وفاقي حڪومت ماھيگيرن جي فلاح و بھبود لاء ڪجھ نٿي ڪري نہ ئي سندن روزگار جي وسيلن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي سگھي اھي، جنھن ڪري ماھيگير بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي رھيا آھن، ھنن چيو تہ ھندستان ۾ قيد پاڪستاني ماھيگيرن جي ازادي لاء بہ سرڪار ڪجھ نٿي ڪري جن کي ڀارتي فورسز حدبنديون نہ ھجڻ ڪري پاڪستان جي سامونڊي حدن مان گرفتار ڪري کڻي وڃڻ بعد سخت تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڇي، جن جي خاندان جي پوئيواري نہ ٿيڻ ڪري اھي بہ بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن، ھنن چيو تہ اڄوڪي ميڙاڪي جو مقصد 21 نومبر ماھيگيرن جي عالني ڏيھاڙي کي ڀرپور نموني ملھائڻ اھي، ان لاء فيصلو ڪيو ويو اھي تہ ھن واري ماھيگيرن جو عالمي ڏيھاڙو دادو شھر ۾ ملھايو ويندو، سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن، ڪارڪنن سميت ملاح، ماھيگيرن کي گھرجي تہ ھو ھن ڏيھاڙي کي ڀرپور م ھائي دادو شھر ۾ منعقد ڪيل ھن جلسي ۾ شرڪت ڪري بڌي جو ثبوت ڏين جتي سرڪار کان ملاحن، ماھيگيرن کان کسيل سندن حقن جي واپسي جي گھر سميت ماھيگيرن کي بنيادي سھولتون مھيا ڪري ھندستان ۾ قيد پاڪستاني ماھيگيرن کي آزاد ڪرائي ماھيگيرن سان ٿيندڙ ناانصافي جي ازالي جي پڻ گھر ڪئي ويندي. ھنن ملاح اڳواڻن توڙي ماھيگيرن تي زور ڀريو تہ ھو پنھنجي حق جي حاصلات لاء جاري ڪيل جدوجھد کي جاري رکي برادري سميت مظلوم ماڻھن جي بنا فرق جي مدد ۽ خدمت ڪندا رھن. ھنن اھو پڻ چيو تہ ھاڻي اليڪشن اچڻ واري اھي، جيڪڏھن اسانجي برادري کي نظر انداز ڪيو ويو تہ ان تي غور ويچار ڪري وڌيڪ راء عمل جوڙيو ويندو.