صاف شفاف منصافاڻيون ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آھن: علي اصغر سيال

ضلعي انتظاميه چونڊن کان اڳ سمورا انتظام جلد کان جلد مڪمل ڪري: صوبائي جوائينٽ اليڪشن ڪمشنر

صاف شفاف منصافاڻيون ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آھن: علي اصغر سيال

سجاول (رپورٽر) چونڊون صاف ،شفاف ، منصافاڻه ،غير جانبداراڻه ۽ پر امن طريقي سان ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي اولين ذميواري آهي - علي اصغر سيال ,ضلعي انتظاميه چونڊن کان اڳ سمورا انتظام جلد کان جلد مڪمل ڪري - صوبائي جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر سنڌ , صوبائي جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سيال چيو آهي ته چونڊن واري عمل کي صاف ، شفاف ،غير جانبدار ۽ پر امن بڻائڻ لاءِ تمام تر انتظامن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي قومي ۽ اھم ذميواري آهي جنهن جا انتظام ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ڀرپور ڪردار ادا ڪري ، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران مڪمل مدد فراهم ڪئي ويندي - اھڙن خيالن جو اظهار ھن ايندڙ عام چونڊن بابت ڊي سي ڪمپليڪس سجاول ۾ ڊي آر او ، آر اوز ، ايجوڪيشن ورڪس ،تعليم ،روينيو ،پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان منقعد گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ ، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين پڻ موجود هئا - صوبائي جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر سنڌ چيو ته چونڊن کان اڳ پولنگ اسٽيشننز جي مرمت سميت سموريون گھربل سھولتن جي موجودگيءَ کي ھر ممڪن يقيني بڻايو وڃي ، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ۽ غفلت ھر گز برداشت نه ڪئي ويندي - ھن وڌيڪ چيو ته چونڊون آزاداڻه ، منصافاڻه ۽ غير جانبداراڻه ڪرائڻ ئي بھتر جمھوريت جو ضامن ثابت ٿيندو - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر افتخار حسین عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان ھن وقت تائين ڪيل انتظامن تي گڏجاڻي کي تفصيلي آگاهي ڏني - بعد ۾ صوبائي جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سيال ڊي سي ڪمپليڪس ۾ آر اوز جي ڪمرن سان گڏوگڏ حساس ۽ غير حساس مواد کي اسٽوريج ايريا جو معائنو پڻ ڪيو - ان کان اڳ ھن ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ پولنگ اسٽيشننز جو دورو ڪري سموري صورتحال جو جائزو پڻ ورتو - ان موقعي تي ھن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي ته پولنگ اسٽيشننز ۾ سمورين سھولتن جي فراهمي جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عام چونڊن دوران پولنگ آفيسرن ، عملي ۽ ووٽرز کي ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو نه پوي ۽ چونڊن واري عمل کي خوش اصلوبي سان پايه تڪميل تائين پھچائي سگهجي –