هر انسان کي جسماني ۽ ذهني صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي: طارق عزيز بلوچ

راندين کي اسان جي زندگي ۾ اهم مقام حاصل آهي، جنهن جي جيتري به پچار ڪئي وڃي اها گهٽ آهي

هر انسان کي جسماني ۽ ذهني صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي: طارق عزيز بلوچ

گڏاپ(رپورٽر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڊاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو آھي ته هر انسان کي پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪو نه ڪو حيلو ضرور ڪرڻ گهرجي، راندين کي اسان جي زندگي ۾ اهم مقام حاصل آهي، جنهن جي جيتري به پچار ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جيڪڏهن اسانجي زندگيءَ ۾ راند نه هجي ته پوءِ اسان جو جسم بيمارين جو مرڪز بڻجي ويندو، اهڙي طرح اسان صحتمند نه رهي سگهنداسين، باقاعدگي سان راندين کيڏڻ سان انسان جسماني ۽ ذهني طور صحتمند رهي سگهي ٿو، گڊاپ شهر وقت سِر راندين جا مختلف پروگرام رکيا آهن. جنهن ۾ وڌيڪ اضافو اسان جي اولين ترجيح آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته گڊاپ ٽائون جي نوجوانن کي اڳتي آڻي راندين ۾ وڌيڪ حصو وٺرايان ته جيئن گڊاپ ٽائون جا نوجوان صحتمند ۽ تندرست رهي سگهن.ڪرڪيٽ جي راند عالمي شهرت جي حامل آهي، ڪرڪيٽ سنڌ جي ثقافتي ورثي ۾ اسان سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گڊاپ ٽائون جي آفيس ۾ ينگ سيلرز ڪرڪيٽ ڪلب يوسي مراد ميمڻ جي ٽيم جي ڪپتان کي ڪرڪيٽ کٽڻ ۽ انعامن ورهائڻ جي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر احمد يار، اڪائونٽ آفيسر افتخار احمد دايو، ڊائريڪٽر ايڇ آر ايم حاجي محمد شريف شيخ، پارلياماني ليڊر ۽ ڪائونسل ميمبر مير عباس ٽالپر، ڊائريڪٽر پرچيز سهيل يار خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس اينڊ ڪلچر اصغر بلوچ، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.