English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ صوبائي جوائينٽ اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ھيٺ ڊي سي آفيس ۾ گڏجاڻي
views
|
06th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اڳواٽ سمورن انتظامن جو بندوبست ڪيو وڃي: علي اصغر سيال
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) صوبائي جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سيال ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين سميت مختلف لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ھو ايندڙ چونڊن کان اڳ سمورين پولنگ اسٽيشننز جي عمارتن جي مرمت سميت پاڻي، بجلي، بائونڊري وال، باٿروم، فرنيچر ۽ معذور ماڻهن لاءِ ريمپ جي سھولتن کي جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن هر شهري پنهنجي ووٽ جو بنيادي حق استعمال ڪري سگهي ۽ پولنگ عملي کي به مشڪلاتن کان بچائي سگهجي. اهڙيون هدايتون هُن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ھڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏنيون . ھن وڌيڪ چيو ته چونڊون صاف ،شفاف ،غير جانبداراڻه ۽ پر امن طريقي سان ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي اولين ذميواري آهي ، ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميه سمورا وسيلا ڪتب ۾ آڻيندي تمام انتظام مڪمل ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري - ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر ضلعي ۾ عام چونڊن جي حوالي سان ۽ پولنگ اسٽيشننز ۾ ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني . ان کان اڳ صوبائي جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سيال ضلعي جي مختلف پولنگ اسٽيشننز جو دورو ڪري سمورن انتظامن ۽ سھولتن جو جائزو پڻ ورتو-
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
صوبائي جوائينٽ اليڪشن ڪمشنر
علي اصغر سيال
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خا
اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين
0 تبصرے