اڳوڻي ايم پي اي رياض شاھ شيرازي جي ڪوھستان واسين سان گڏ ڊي سي سان ملاقات

ڪوھستان واسي اسان جا ووٽر آھن، سندن سمورا جائز مسئلا آھن اوليت جي بنياد تي حل ڪيا ويندا: رياض شاھ شيرازي

اڳوڻي ايم پي اي رياض شاھ شيرازي جي ڪوھستان واسين سان گڏ ڊي سي سان ملاقات

ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي سان گڏ يوسي جھمپير جي متاثر ڪوھستان واسين محمد عمر برفت، محمد انور ڪوھستاني، قادر جاکرو، حاجي عثمان جاکرو، گھنور جاکرو، رشيد پالاري، عيسيٰ برفت، ابراھيم جاکرو، وڏيرو گل حسن، اسماعيل، جان محمد جاکرو سان گڏ ڊي سي ٺٽو اسد علي خان سان ڊي سي افيس مڪلي ۾ ملاقات ڪري کيس ڪوھستاني زمينن، قديمي قبرستانن، مال جي چراھگاھن تي ٿيل غيرقانوني قبضن، فتوجي مڪان جي 12 سئو ايڪڙ زمين تي بااثر بلڊر پاران شروع ڪرايل ڪم، ونڊ پاور ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار نہ ملڻ توڙي ونڊ پاور ڪمپنينن پاران مقامي ڪوھستان واسين جي فلاح و بھبود لاء ڪوبہ ڪم نہ ڪرڻ توڙي سندن 55 ڳوٺن کي يوسي جھمپير مان يوسي چنگھڙي ۾ منتقل ڪري يوسي ڄنگھڙي جي آفيس 32 ميل تي قائم ڪرڻ جي گھر ڪئي، ان موقعي تي ڊي سي ٺٽو پاران ڪوھستان واسين کي خاطري ڪرائي تہ سندن جائز مسئلن تي غور ويچار ڪري انھن کي حل ڪرڻ سميت يوسي ڄنگھڙي جي افيس متاثر ڪوھستان واسين جي رضامندي سان 32 ميل تي قائم ڪري ان جي بلدنگ جوڙائڻ لاء لوڪل گورنمنٽ کي سفارش ڪري انھن کي لکت ۾ پڻ اگاھي ڏني ويندي، ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي پڻ ڊي سي ٺٽو کي ٻڌايو تہ ھي ڪوھستان واسي سندس ووٽر آھن، جن جا سمورا جائز مسئلا آھن، جيڪي اوليت تي بنيادن تي حل ڪري کين پريشاني کان بچائي ڪوھستان واسين کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. ھن چيو تہ ڪوھستان جا ڳوٺ پڪا ڪرائڻ لاء اسان ڪافي ڪوششون ورتيون اھن، انشاالله ٻيھر موقعو مليو تہ انھن جا سمورا ڳوٺ پڪا ڪرايا ويندا.