English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ تپيدارن ۽ آفيس عملي جو مختيارڪار خلاف سندس آڦيس آڏو احتجاج
204 views
|
01st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
آل سنڌ تپيدار يونين اڳواڻ جي عبدالمجيد ڳوراهو، نالي مٺو پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
نوشهرو فيروز (ڊر) مختيارڪار نوشهروفيروز جي هٺ ڌرمي ۽ کاتيدارن جا ڪم ڪار نه ڪرڻ خلاف آفيس عملي ۽ تپيدارن جو مختيار ڪار خلاف سندس ئي آفيس ۾ احتجاجي ڪميپ قائم ڪري ورتي احتجاج جي اڳواڻي آل سنڌ تپيدار يونين اڳواڻ عبدالمجيد ڳوراهو، تپيدار نالي مٺو پيرزادو، ملوڪ راڄپر، روينيو اپمپلائي يونين اڳواڻ غلام مرتضیٰ مشوري، بابر لاشاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي ڌرڻي تي ويٺل مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته جنهن ڏينهن کان مختيارڪار روينيو نوشهروفيروز آفيس جي چارج مختيارڪار عزيز جوڻيجو سنڀالي آهي ان ڏينهن کان آفيس جو سمورو ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو آهي جنهن سبب کاتيدار ڪم نه ٿيڻ جي صورت ۾ شڪايتون ڪرڻ سان گڏ اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي وڃن ٿا هنن چيو ته گذريل ٻن مهينن کان آفيسر جي بليڪ ميلنگ ۽ هٺ ڌرمي جي ڪري آفيس جو ڪم ڪار ٺپ آهي جيڪو عوام جي ڪمن ۾ دلچسپي ئي نه ٿو وٺي روز بهانا ڪري ڪم ٽاري ڇڏي ٿو ايتري قدر جو ڊوميسايل پي آر پي جي ڪاغذن تي به صحيح نه ٿو ڪري جنهن سبب نوجوان پريشان آھن ھنن نگران وزير اعلا سنڌ , چيف سيڪريٽري سنڌ , سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ڪمشنر شهيد بينظير آباد، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز سميت ٻين وس وارن اعلا عملدارن کان گهر ڪئي ته نااهل مختيارڪار عزيز جوڻيجو کي هٽائي اهل مختياڪار مقرر ڪرايو وڃي ته جيئن آفيس جو ڪاروهنوار هلي سگهي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز
مختيارڪار
تپيدار
0 تبصرے