سيوهڻ: عدالت تانيه خاصخيلي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ به نه ٻڌايو

محفوظ ڪيل فيصلو 10 نومبر تي ٻڌايو ويندو، عدالت

سيوهڻ: عدالت تانيه خاصخيلي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ به نه ٻڌايو

سيوهڻ جي عدالت جهانگارا ۾ 6 سال اڳ قتل ڪيل ناري تانيه خاصخيلي جي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ به نه ٻڌايو، عدالت چيو آهي ته محفوظ ڪيل فيصلو 10 نومبر تي ٻڌايو ويندو، عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد 30 ڏينهن اڳ فيصلو محفوظ ڪيو هو، 6 سال اڳ جهانگارا ۾ جوابدار خانو نوحاڻي شادي کان انڪار ڪرڻ تي گهر ۾ گهڙي تانيا کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، تانيا خاصخيلي جي امڙ انصاف لاءِ ان وقت جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي پيرن ۾ به ڪري پئي هئي، تانيه خاصخيلي جي امڙ فوت ٿي چڪي آهي، تانيه جي ڀيڻ دعا خاصخيلي مقتوله ڀيڻ جو ڪيس وڙهي رهي آهي..........