سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي

عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، مدعي ۽ مقتول جي قانوني وارثن کي طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڄڻن جي قتل ۽ عورتن سميت 12 ماڻھن کي زخمي ڪرڻ واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي
عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، مدعي ۽ مقتول جي قانوني وارثن کي طلب ڪري ورتو
عدالت پوليس کي ٻن هفتن ۾ پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالت رينجرز ۽ سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي
رينجرز جي پراسيڪيوٽر حبيب احمد جو چوڻ هو ته عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي دليل طلب ڪيا ھئا،
حقيقت ۾ درخواست جو جواب سنڌ حڪومت کي جمع ڪرائڻو آھي، سنڌ حڪومت مقتولن جي وارثن ۽ زخمين کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي،
معاوضي جي رقم اڄ تقريب ۾ ادا ڪئي ويندي، درخواستگذار جو موقف هو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي،
28 سيپٽمبر تي سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ٿي ويا هئا.