ٺٽي ۾ پرڏيھين جي لاءِ پوليس لائين گرائونڊ مڪلي ۾ ڪيمپ قائم، ڊي سي پاران دورو

ان موقعي تي ضلعي جا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي، پوليس ۽ ٻيا عملدار موجود ھئا

ٺٽي ۾ پرڏيھين جي لاءِ پوليس لائين گرائونڊ مڪلي ۾ ڪيمپ قائم، ڊي سي پاران دورو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان ضلعي ۾ غير قانوني طور تي رھندڙ پرڏيهين جي وطن واپسي لاءِ ضلعي انتظاميہ پاران پوليس لائن گرائونڊ مڪلي ۾ قائم ڪيل مرڪزي ڪيمپ جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي، پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود ھئا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي تہ مرڪزي ڪيمپ ۾ ايندڙ غير مُلڪين کي کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي ۽ علاج معالج سميت سمورين گهربل سھولتن جي موجودگي کي يقيني بنايو وڃي تہ جيئن کين ڪنھن بہ قسم جي پريشاني کي مُنھن ڏيڻو نہ پوي. ھُن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ ھو غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي جي منصوبي تي عملدرآمد کي هموار ۽ مربوط انداز ۾ جاري رکن ۽ غير مُلڪين سان نرمي سان پيش ايندي کين وطن واپسي لاءِ آمادہ ڪن ته جيئن غير قانوني ڌارين جي عزت نفس مجروح نه ٿئي ۽ ان ڏس ۾ جتي ضروري هُجي ته ان علائقي جي معززين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ھُن کين وڌيڪ ھدايت ڪئي تہ ھو پنھنجي پنھنجي تعلقن ۾ يوسي سطح تائين سمورن علائقن ۾ موجود مسجدن ۽ علائقي جي معززين جي مدد سان اعلان پڻ ڪرائين تہ جيئن وڌ ۾ وڌ غير قانوني رھندڙ پرڏيھين کي آگاھي فراھم ٿي سگهي. ھُن پوليس عملدارن کي پڻ ھدايت ڪئي تہ ڪيمپ ۾ ايندڙ غير مُلڪين جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي جا بھتر انتظام ڪيا وڃن. ھُن سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي پڻ ھدايت ڪئي تہ ھو پرڏيھين جي وطن واپسي لاءِ ٽرانسپورٽ جي انتظامن کي يقيني بڻائي. ھُن چيو تہ غير مُلڪين کي با عزت طريقي سان سندس وطن واپسي لاءِ ضلعي انتظاميہ پاران سمورا انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ۾ رھندڙ غير قانوني پرڏيھين کي مشورو ڏنو آھي تہ ھو 31ـ آڪٽوبر 2023 تائين واسطيدار اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سان رابطو ڪري پنھنجي خاندان کي رجسٽرڊ ڪرائين تہ جيئن کين با عزت طريقي سان وطن واپس روانو ڪري سگهجي، ٻي صورت ۾ پھرين نومبر 2023 کان سندن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي پرڏيھين کي وطن واپس روانو ڪرڻ بابت ريھرسل پڻ ڪئي وئي، جتي تعلقہ وائيز ڪائونٽرن جو قيام ۽ رجسٽريشن، سيڪيورٽي، ايمبولينس سروس، طبي سھولتن ۽ ٽرانسپورٽ جي موجودگي سميت غير ملڪين کي پوليس جي حفاظت ۾ ايمبولينس ذريعي روانو ڪرڻ جي ريھرسل پڻ ڪئي وئي.