سجاول ۾ جي يو آءِ جي سنڌ امن مارچ جي قافلن جي آجيان لاءِ تياريون مڪمل

جي يو آءِ پاران شھر جي مک روڊ کي پينافليڪس ۽ پارٽي جھنڊن سان سينگاريو ويو

سجاول ۾ جي يو آءِ جي سنڌ امن مارچ جي قافلن جي آجيان لاءِ تياريون مڪمل

سجاول (گلشيرميربحر) جمعيت علماء اسلام ضلع سجاول پاران سنڌ امن مارچ جي ايندڙ قافلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن سجاول ضلعي کي پينافليڪس ۽ جمعيت جي جھنڊن سان سينگاريو ويو آھي انھيءَ موقعي تي جمعيت علماء اسلام جي اڳواڻ مولانا محمد اسماعيل قاسمي مولانا حسن قاسمي مولانا غلام حسين ميمڻ،مولانا عزيزالرحمان کتري،سوشل ميڊيا آپريٽر حماد الله ميمڻ ٻڌايو آھي ته سنڌ امن مارچ جو قافلو اڄ سجاول ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿيندوـ تعلقي شاھبندر کان ھڪ وڏو قافلو مولانا نجيب الله ميمڻ جي قيادت ۾ سنڌ امن مارچ قافلي جي استقبال لا۽ سجاول پهچندو ۽ سجاول مان ريلي جي قيادت ضلعي امير سائين محمد صالح الحداد ۽ ضلعي سيڪريٽري جنرل حافظ فضل الله فياض صاحب جي قيادت۾ مدرسه دارالفيوض القاسميه مان 500 گاڏين جو قافلو جھوڪ شريف لاء روانو ٿيندو جتي سنڌ امن مارچ جي قافلي جو جو استقبال ڪيو ويندو جڏھن ته قائد سنڌ علامه راشد خالد محمود سومرو قافلي سان گڏ ميرپور بٺورو ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندو ۽ بعد ۾ قافلو سجاول طرف ايندو سجاول ۾ قائد سنڌ علامه راشد خلدمحمود سومرو شھر جو گشت ڪندي مامون لاڏو چوڪ تي پهچندو ۽ اتي جلسي کي خطاب ڪندو ۽ بعد ۾ سنڌ امن مارچ جو قافلو ٺٽي طرف روانو ٿيندو ،