وارھھ سول ڪورٽ ۾ شھر ۾ رولو ڍڳن جي آزار، حددخلين ۽ صفائي سٿرائي بابت ٻڌڻي

سول جج پاران رولو ڍڳن کي روڪڻ، بنا فرق جي انڪروچمنٽ آپريشن ۽ صفائي بابت سخت پڇاڻو ڪيو ويو

وارھھ سول ڪورٽ ۾ شھر ۾ رولو ڍڳن جي آزار، حددخلين ۽ صفائي سٿرائي بابت ٻڌڻي

وارهه( رپورٽر) سول ڪورٽ وارھ ۾ اڄ سول جج عبدالحڪيم سانگي وارھ ۾ رولو ڍڳن ۽ شهر ۾ صفائي سٿري ۽ انڪروچمنٽ جي خلاف پٽيشن جي ٻڌڻي ڪئي ،جنهن ۾ اي سي وارھ مسٽر سرمد علي مهر ، ڊي ايس پي وارھ زاهد علي سومرو ، ايس ايڇ او وارھ مير محمد کوسو ۽ ٽائون آفيسر وارھ فيروز علي چانڊيو پيش ٿي رپورٽ پيش ڪئي ،، سول جج رولو ڍڳن کي روڪڻ ، بنا فرق جي انڪروچمنت ۽ صفائي سٿري بابت پڇاڻو ڪيو جنهن تي آفيسرن چيو ته آنرايبل ڪورٽ جي حڪم تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو ،،وڪيلن سول جج کي شهر ۾ رولن ڍڳن جي آزار ، انڪروچمنٽ صرف غريبن جي نه پر بنا فرق جي سڀني جي هٽائڻ ۽ صفائي سٿري جي باري ۾ آگاھ ڪيو سول جج وارھ مان ڪنهن به صورت ۾ رولو ڍڳن جو آزار ختم ڪرائڻ ۽ وارھ شهر ۾ صفائي سٿري کي يقيني بڻائڻ ۽ انڪروچمنٽ بنا فرق جي هٽائڻ حڪم ڏنا. ٻڌڻي جي موقعي تي تعلقه بار وارھ جي اڳوڻو صدر سينيئر ايڊووڪيٽ آصف رضا کهاوڙ ، سينيئر ايڊووڪيٽ فقير اياز علي کهاوڙ ، ايڊووڪيٽ سرائي مشتاق احمد کهاوڙ ۽ ٻين وڪيلن شرڪت ڪئي .