English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊ, حامد خان گروپ جو صدارتي اميدوار وڏي ليڊ سان ڪامياب
views
|
31st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عاصمه جهانگير گروپ جي اميدوارن کي شڪست
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊ، عاصمه جهانگير گروپ جي اميدوارن کي شڪست،حامد خان گروپ جو صدارتي اميدوار 193 ووٽ کڻي وڏي ليڊ سان ڪامياب، سميعہ فيض دراني 177 ووٽ کڻي پھرين پوزيشن ماڻي ورتي، سنڌ مان 437 ووٽرن پنھنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، تفصيل موجب سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ 2023-2024 جون چونڊون ٿي گذريون، صبح 9 وڳي کان شام پنج وڳي تائين ووٽنگ جو عمل بغير وقفي جي جاري رهيو، سپريم ڪورٽ بار جي 8 مختلف سيٽن تي 20 اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو، ووٽرن جو ڪل انگ 3 هزار 756 آهي، لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽرن جو انگ 1 هزار 3 سئو 48 آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ 676 رجسٽرڊ ووٽرن مان 437 ووٽرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏھن ته 18 ووٽ رد ٿي ويا، سپريم ڪورٽ جي چونڊن ۾ صدارتي اميدوار لاءِ عاصمہ جھانگیر گروپ جو شھزاد شوڪت 168 ووٽ کڻي سگھيو، جڏھن ته حامد خان گروپ جو ميان عبدالقدوس 196 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آھي، سيڪريٽري جي سيٽ تي حامد خان گروپ جو علي عمران سيد 134ووٽ کڻي سگھيو، جڏھن ته عاصمه جھانگير گروپ جي سلمان منصور 211 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آھي، سنڌ جي ھڪ سيٽ نائب صدر لاءِ ٽي عورتون ميدان ۾ ھيون جن مان سميه فيض دراني 177 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، جڏھن ته صيفي علي ۽ عابده چنڙ کي ناڪامي نصيب ٿي، سنڌ ۾ ٽوٽل 676 ووٽرن مان 437 ووٽرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن
عاصمه جهانگير گروپ
0 تبصرے