مڪلي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 3 ٻارڙا فوت

گذريل رات سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ٽي معصوم ٻار تڙپي فوت ٿي ويا

مڪلي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 3 ٻارڙا فوت

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي جي سڀ کان وڏي سول اسپتال مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ٽي معصوم ٻار هڪ ئي وقت تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا وارثن جو ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام ، خبر موجب گذريل رات سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ٽي معصوم ٻار تڙپي فوت ٿي ويا مڪلي جي غلام الله روڊ لڳ ڪچي آبادي جي رهائشي محمد امين لاسي پنهنجي ٻن ورهين جي ٻار ماجد کي دست الٽي سبب سول ٺٽو جي ايمرجنسي وارڊ ۾ کڻائي پهتو اهڙي طرح ٺٽي جي هڪ سئو ٽي موري واري علائقي جي پورهيت علي حسن کوسو به پنهنجي ڏيڊ ٻن ورهين جي عمر جي ٻار عيسا کي ٺٽي جي ساڳي سول اسپتال مڪلي کڻائي آيل هو جڏهن تہ سجاول جي چوهڙ واري ٻهراڙي مان به هڪ معصوم ٻار کي علاج لا۽ سول اسپتال پهچايو ويو علاج لا۽ سول اسپتال آندل ٽئي معصوم ٻار بچي نه سگهيا ھڪ ٻئي پويان ٽئي معصوم ٻار سول اسپتال ٺٽو جي ايمرجسني ۾ تڙپي فوت ٿي ويا اهڙي اطلاع تي صحافين سميت وڏي انگ ۾ شهري سول اسپتال پهتا صحافين اڳيان فوت ٿي ويل معصوم گلڙن جهڙي ٻارن جي وارثن چيو ته اسان پورهيت غربت سبب سول اسپتال ٺٽو ۾ پنهنجا معصوم علاج لا۽ کڻي پهتاسون فوتي ٻارن جي وارثن چيو ته سندن معصوم ٻارن دست الٽي جي بيماري سبب کين علاج لا۽ ٻار آندا ويا پر سول اسپتال ۾ اڳ ئي دوائون اڻلڀ آهن اها شڪايت عام آهي پر وارثن الزام هڻندي ظاهر ڪيو ته علاج لا۽ ٻارن کي بروقت ڊاڪٽر پاران چيڪ نه ڪرڻ مسلسل سستي غفلت جو مظاهرو ڪيو نه ٻارن کي چيڪ آپ ڪيو نه بروقت ٽريٽمنٽ شروع ڪئي پرائيويٽ اسٽور جي پرچي به نه لکي ڏني ان ڪري ڊاڪٽر جي غفلت ۽ بي ڌياني سبب سندن ٻار فوت ٿي ويا فوتي ٻارن جي وارثن هيلٿ کاتي سنڌ توڙي نگران سرڪار کان انصاف جي گهر ڪندي چيو ته سول اسپتال جا انتظام ڪيتري ئي عرصي کان نجي اين جي او مرف وٽ هئڻ باجود ڪيتري ٽائيم کان دوائن جي کوٽ سميت اسپتال ۾ گهربل سهولتن جي فقدان جو نوٽيس وٺي فوت ٿيندڙ معصوم ٻارن جي خون جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.