English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سکر ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جو احتجاج
views
|
02nd Nov 2023
•
سنڌي خبرون
پهرين مرحلي ۾ سکر ڊويزن کان جدوجهد جي شروعات ڪئي پئي وڃي،: اڳواڻ
سکر(بيورو)پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي چيئرمين ۽ سنڌ صوبي جي صدر سيد ذوالفقار شاهه جي اپيل تي آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سنڌ پاران پگهارن ۽ پينشن ۾ غير قانوني ڪٽوتي ۽ دير ختم ڪرڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي. آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سکر ڊويزن پاران لوڪل گورنمينٽ ملازمن محمد بن قاسم پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جڏهن ته شرڪت ڪندڙن مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، ريلي ۽ ڌرڻو سکر ڊويزن جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي، جنرل سيڪريٽري نواز جماڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي مردان شيخ، سعيد احمد مهر، دانش قريشي، طارق حسين سولنگي، سيد مسلم شاهه، صداقت زنگيجو، شاهد جتوئي، مظفر جوڻيجو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملازمن جي حقن لاء جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ 2 نومبر کان احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ سکر ڊويزن کان جدوجهد جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ شامل ميونسپل ملازمن پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته جيستائين سنڌ جي ميونسپل ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ غير قانوني ڪٽوتي ۽ دير ختم نه ڪئي ويندي تيستائين ميونسپل ملازم پنهنجن حقن جي لاء احتجاج جاري رهندو، اڳواڻن مڪاني ادارن جي ملازمن کي درپيش مسئلن جو نوٽيس وٺندي پرزور مطالبو ڪيو ته انهن ۾ موجود پريشانين کي دور ڪيو وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سکر
پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن
سيد ذوالفقار شاهه
تيستائين ميونسپل ملازم
0 تبصرے