بروقت ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي: محمد حسين محنتي

آگسٽ ۾ قومي اسيمبلي کي ٽوڙيو ويو، نومبر جي وچ ڌاري چونڊون ٿيڻ گهرجن ها

بروقت ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي عدالتي حڪم موجب اليڪشن ڪميشن پاران عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي گهرج کي پورو ڪونه ڪيو ويو، آگسٽ ۾ قومي اسيمبلي کي ٽوڙيو ويو، نومبر جي وچ ڌاري چونڊون ٿيڻ گهرجن ها، پر پي ڊي ايم حڪومت پنهنجي مفادن لاءِ مردم شماري کي منظور ڪري انتخابي عمل کي دير جو شڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح سان پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جون چوندون پڻ نوي ڏينهن ۾ ڪرائڻ کان انڪار ڪري اليڪشن ڪميشن ۽ پي ڊي ايم سرڪار قوم ۽ آئين سان مذاق ڪيو آهي. هاڻي جڏهن فروري جي تاريخ ڏيڻ جي ڳالهه ٿي آهي ته “ دير آيد درست آيد” وانگر اليڪشن ٿيڻ گهرجي، چونڊن کي مال ۽ دولت جي راند نه بڻائڻ کپي سڀني سياسي جماعتن کي ضابطه اخلاق جو پابند بڻائڻ گهرجي. ملڪ ۾ بروقت ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي، صاف شفاف چونڊون ملڪ جي بهتر ۽ روشن مستقبل لاءِ ضروري آهن، چونڊن ۾ سليڪشن بدران شفافيت ۽ هر پارٽي کي ليول پلينگ فيلڊ ملڻ گهرجي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته چوندن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن پاران دير ۽ سستي ڪرڻ وارا حربا استعمال ڪرڻ غير آئيني ۽ قابل گرفت عمل آهي، پر صدر ۽ چيف اليڪشن ڪميشن پنهنجي انا جو مسئلو بڻائڻ بدران عدالت جي هدايتن ۽ آئيني ضرورتن کي سامهون رکي مشوري سان ووٽنگ جي تاريخ فائنل ڪري عوام ۽ سياسي پارٽين جي خدشن کي ختم ڪن ان ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي بهتري آهي.#