سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي: راشد محمود سومرو

جمعيت علماء اسلام جو سنڌ امن مارچ سجاول پھتو، شاندار استقبال

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي: راشد محمود سومرو

سجاول(گلشيرميربحر) جمعيت علماء اسلام جو سنڌ امن مارچ وارو قافلو سنڌ جي مختلف شھرن مان ٿيندو علامه راشد خالد محمود سومرو جي قيادت ۾ سجاول پهتو سنڌ جي ٻين علائقن وانگر سجاول ۾ به قافلي جي آجيان گلن جي ورکا سان ڪئي وئي سجاول مامون لاڏو چوڪ تي هڪ شاندار جلسو منقعد ڪيو ويو جلسي ۾ ھزارين ڪارڪنن شھرين شرڪت ڪئي جلسي ۾ علامه راشدخالد محمود سومرو.مولانا محمدصالح الحداد.مولانا عبدالقيوم هاليجوي. محمد اسلم غوري. تاج محمد ناهيون. سليم سنڌي. عابد لاکو.مولانا غلام حسين ميمڻ،مولوي اسماعيل قاسمي، ۽ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي روز ماڻھون اغوا ٿين ٿا پر حڪومت انھن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. 3سالن جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ حڪومت ڪي به قدم نه کنيا آھن انھن چيو ته گذريل سيلاب ۾ سنڌ حڪومت سيلاب متاثرين جي نالي تي چار ارب روپيا 68 هزار راشن بيگ ۽ 90هزار مڇر دانيون ورهائڻ جي دعوا ڪئي آھي پر سيلاب متاثرين کي ھن ايتري سامان مان عوام کي 10سيڪڙو به سامان نه مليو. ھنن چيو ته سجاول ضلعي جا ايم پي اي ۽ايم اين اي رڳو ماڻھن کي دلاسا ڏيندا رهيا سجاول سول اسپتال جي لاء ساليانا 6ارب 70ڪڙور رپيا اچن ٿا پر سجاول جي سول اسپتال جو اهو حال آهي ته اتي بخار جي دوا به نٿي ملي مريض تڙپن ٿا ھڪ ڊاڪٽر ايمرجنسي ۾ ڊيوٽي تي ھوندو آھي سول اسپتال سجاول صرف ريفر سينٽر بڻيل آهي اربين رپيا اسپتال جي بجيٽ آهي پر خبر ناهي ڪيڏانھن پئي وڃي. ان چيو ته ڌاڙيلن جي هٿان صرف غريب ماڻھون اغوا ٿين ٿا ڪنھن وڏيري ايم پي اي ۽ ايم اين اي جو پٽ اغوا ڇو نٿو ٿئي انھي ڪري جو ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل پاڻ ۾ مليل آهن، سنڌ جو عوام هاڻي بيدار ٿي ويو آهي سنڌ جي عوام 15 سال سنڌ تي حڪومت ڪندڙ پارٽي کي ٿڏي ڇڏيو آهي ايندڙ اليڪشن ۾ انشاء اللہ جمعيت علماء اسلام ڪامياب ٿي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي پنھنجا حق ڏيندي قافلو سجاول جلسي کان پوء رات دير سان ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو جيڪو اڄ ڪراچي قائد آباد پھنچندو جتي جمعيت علماء اسلام ف جو چئيرمين مولانا فضل الرحمان جلسي سنڌ امن مارچ قافلي جي آجيان ڪندو ۽ قافلو مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ روانو ٿي جلسي جي جڳھ تي پھنچندو جتي جمعيت علماء اسلام ف اڳواڻ مولانا فضل الرحمان مولانا راشد محمود سومرو جن جلسي کي خطاب ڪندا