English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ ٽائون انتظاميھ سياسي ورڪرن خلاف ڪارروائين تي لھي آئي
193 views
|
01st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ٽائون چيئرمين لالا رحيم پنھنجي ئي سياسي ڪارڪنن ۽ ووٽرن خلاف انتقامي ڪارروائين تي لھي آيو آھي: پورھيت
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي سهراب ڳوٺ ٽائون ڪاميٽي سياسي ورڪرن سان انتقامي ڪارروائين تي لھي پئي احسان آباد فوٽ پاٿ تي ويٺل غريب پورھيت جي لڳل جوس واري مشن رات جي اندھيري ۾ کڻائي پورھيت مٿان ڪوڙو ڪيس داخل داخل ڪرائي ڇڏيو. مشن واپس ڏيڻ کان انڪار. پورھيت پندرهن ڏينهن کان بيروزگار فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويو. مزدورن جو ٽائون چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو. ميئر ڪراچي کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو. انصاف نه ملڻ جي صورت ۾پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب ڪراچي سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 6 احسن آباد ۾ ٽائون ڪاميٽي سھراب ڳوٺ جي چيئرمين لالا رحيم پنھنجي ئي سياسي ڪارڪنن ۽ ووٽرن خلاف انتقامي ڪارروائين تي لھي پيو. فٽ پاٿ تي ويٺل جوس جو ڪاروبار ڪندڙ پورهيت اشتياق احمد جي اڏي تي رات جي اندھيري ۾ ڪاروائي ڪري جوس جي مشن کڻائي ويو. جنھن خلاف پورھيت اشتياق احمد. محمد اختر. محمد اصغر ۽ ٻين جوس جي اڏي تي ٽائون جي چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاھرو ڪندڙ پورهيت اشتياق احمد ٻڌايو ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم رات جي انڌيري ۾ ڪاروائي ڪري جوس جي مشن کڻائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي. ھن چيو تہ ھو پندرهن سالن کان احسن آباد جي مين چونڪ تي جوس جو ڪاروبار ڪندو آھي. پر جڏھن کان لالا رحيم ٽائون جو چيئرمين چونڊجي آيو آھي ان ڏينھن کان ھن غريب ريڙھي. ڪيبنن. برف جي اڏن. جوس وارن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. ھن چيو تہ ھو ٽائون جو چالان بہ ڀرڻ لاءِ تيار آھي پر ان باوجود ٽائون چيئرمين انتقامي ڪارروائي تي لھي مشن واپس ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ھن وڌيڪ چيو تہ ھو پاڪستان پيپلز پارٽي جا ورڪر پڻ آھن ھنن سدائين پيپلز پارٽي کي ووٽ ۽ سپوٽ ڪئي آھي. پر ان باوجود اسان کي معصوم ٻچڙن جو روزگار ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. پورھيت اشتياق احمد چيو تہ ٽائون چيئرمين لالا رحيم پنھنجي انا پرستيءَ جي ڳالھ تي قائم آھي ھو چوي پيو ته اوھان پنھنجو اڏو ھتان ختم ڪيو. ھن چيو تہ قانوني ڪاروائي سڀني لاء ٿيڻ گھرجي پوء ٻين خلاف قانوني ڪاروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي. قانون صرف منهنجي لاء ڇو آھي. منھنجا معصوم ٻچڙا پندرهن ڏينھن بکون ڪٽڻ تي مجبور آھن. منھنجي ٻچڙن جي جمع پونجي واپس نه ملي ته آء خودڪشي ڪندس. پورھيت نگران حڪومت. ميئر ڪراچي مرتضي وھاب کان مطالبو ڪيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميه خلاف نوٽيس وٺي جوس جي مشن واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ احسن آباد چونڪ تي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سهراب ڳوٺ
ٽائون ڪاميٽي
ٽائون چيئرمين لالا رحيم
0 تبصرے