English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ ٽائون انتظاميھ سياسي ورڪرن خلاف ڪارروائين تي لھي آئي
views
|
01st Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ٽائون چيئرمين لالا رحيم پنھنجي ئي سياسي ڪارڪنن ۽ ووٽرن خلاف انتقامي ڪارروائين تي لھي آيو آھي: پورھيت
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي سهراب ڳوٺ ٽائون ڪاميٽي سياسي ورڪرن سان انتقامي ڪارروائين تي لھي پئي احسان آباد فوٽ پاٿ تي ويٺل غريب پورھيت جي لڳل جوس واري مشن رات جي اندھيري ۾ کڻائي پورھيت مٿان ڪوڙو ڪيس داخل داخل ڪرائي ڇڏيو. مشن واپس ڏيڻ کان انڪار. پورھيت پندرهن ڏينهن کان بيروزگار فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي ويو. مزدورن جو ٽائون چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو. ميئر ڪراچي کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو. انصاف نه ملڻ جي صورت ۾پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب ڪراچي سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 6 احسن آباد ۾ ٽائون ڪاميٽي سھراب ڳوٺ جي چيئرمين لالا رحيم پنھنجي ئي سياسي ڪارڪنن ۽ ووٽرن خلاف انتقامي ڪارروائين تي لھي پيو. فٽ پاٿ تي ويٺل جوس جو ڪاروبار ڪندڙ پورهيت اشتياق احمد جي اڏي تي رات جي اندھيري ۾ ڪاروائي ڪري جوس جي مشن کڻائي ويو. جنھن خلاف پورھيت اشتياق احمد. محمد اختر. محمد اصغر ۽ ٻين جوس جي اڏي تي ٽائون جي چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاھرو ڪندڙ پورهيت اشتياق احمد ٻڌايو ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم رات جي انڌيري ۾ ڪاروائي ڪري جوس جي مشن کڻائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي. ھن چيو تہ ھو پندرهن سالن کان احسن آباد جي مين چونڪ تي جوس جو ڪاروبار ڪندو آھي. پر جڏھن کان لالا رحيم ٽائون جو چيئرمين چونڊجي آيو آھي ان ڏينھن کان ھن غريب ريڙھي. ڪيبنن. برف جي اڏن. جوس وارن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. ھن چيو تہ ھو ٽائون جو چالان بہ ڀرڻ لاءِ تيار آھي پر ان باوجود ٽائون چيئرمين انتقامي ڪارروائي تي لھي مشن واپس ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ھن وڌيڪ چيو تہ ھو پاڪستان پيپلز پارٽي جا ورڪر پڻ آھن ھنن سدائين پيپلز پارٽي کي ووٽ ۽ سپوٽ ڪئي آھي. پر ان باوجود اسان کي معصوم ٻچڙن جو روزگار ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. پورھيت اشتياق احمد چيو تہ ٽائون چيئرمين لالا رحيم پنھنجي انا پرستيءَ جي ڳالھ تي قائم آھي ھو چوي پيو ته اوھان پنھنجو اڏو ھتان ختم ڪيو. ھن چيو تہ قانوني ڪاروائي سڀني لاء ٿيڻ گھرجي پوء ٻين خلاف قانوني ڪاروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي. قانون صرف منهنجي لاء ڇو آھي. منھنجا معصوم ٻچڙا پندرهن ڏينھن بکون ڪٽڻ تي مجبور آھن. منھنجي ٻچڙن جي جمع پونجي واپس نه ملي ته آء خودڪشي ڪندس. پورھيت نگران حڪومت. ميئر ڪراچي مرتضي وھاب کان مطالبو ڪيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميه خلاف نوٽيس وٺي جوس جي مشن واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ احسن آباد چونڪ تي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سهراب ڳوٺ
ٽائون ڪاميٽي
ٽائون چيئرمين لالا رحيم
0 تبصرے