سنڌ ۾ 800 ماڻھو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن، معصوم نياڻين جا جنازھ ڏنا پيا وڃن: راشد محمود سومرو

جي يو آءِ جي سنڌ امن ريلي نوشھروفيروز پھتو، ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو

سنڌ ۾ 800 ماڻھو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن، معصوم نياڻين جا جنازھ ڏنا پيا وڃن: راشد محمود سومرو

نوشهرو فيروز(ڊ ر) جي يو آءِ جي ”سنڌ امن ريلي“ نوشهرو فيروز پهتي، اللّٰه واري چوڪ تي جلسو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي راشد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، عبدالرحمان ڏنگراج، اڪرم پيرزادو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته نوشهرو فيروز جي عوام امن مارچ جو والھانہ استقبال ڪيو آھي. ھن چيو ته سنڌ ۾ 800 ماڻهو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن. معصوم نياڻين جا جنازا ڏنا پيا وڃن ته ٻئي پاسي حڪمرانن سرڪاري ڪڻڪ خريداري ۾ 77 ڪروڙ ھڙپ ڪيا ۽ عوام کان ھڪ ويلي جو گرھ کسيو ويو آھي. سنڌ مان ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آھي اھل ماڻهن کي ناپاس ڪري واٺن کي پاس ڪيو ويو. اسڪولن ۾ تعليم ناھي، عوام کي صحت جون سهولتون ناھن. سنڌ جا مارڪيٽ غير محفوظ آھن ماضي جي حڪمرانن سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو آھي. ھن چيو ته اسان سنڌ جي امن جي ڳالھ ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان کي امن کپي. ھن چيو ته برساتي ٻوڏ ۾ عوام جي خدمت ڪئي. ڪارونجهر کپائيندين پادر کائيندين نعرو ھنيو، سنڌ کپائيندين پادر کائيندين جو نعرو، به اسان ڏنو. بيگناھ ماڻھن جا جنازا اسان کڻون، وسيلن جو ڪيس اسان وڙهون، مظلوم سنڌ جي ماڻهن جو ڪيس کنيو ۽ سوالن جا جواب به اسان ڏيون؟ ھن چيو ته دادو جي هڪ پوليس واري سول ڪپڙن ۾ سوال ڪري بدمزگي کانپوءِ ويو پئي ته منهنجو ايس ايس پي کان پڇڻ حق آھي ته هو جانچ ڪري ته ان پوليس واري کي بدمزگي لاءِ ڪنهن موڪليو باقي مون نه ايف آءِ آر ڪٽرائي آ نه اين سي باقي جانچ ڪرائڻ منهنجو حق آهي باقي پوليس واري کي گرفتار ڪرائڻ جو الزام غلط آھي. ھن چيو ته وزير اعظم پاڪستان کي سکر ۾ آئينو مون ڏيکاريو هو ته سنڌ جي تقسيم جي ڪميٽي ڇو ٺهي آھي. ھاڻي ڀوتار ۽ مخالفن امن مارچ ڏسي وائڙا ٿي ويا آھن. ھن چيو ته مهانگائي مارچ مون ڪيو، فاطمه ڦرڙو جو ڪيس کنيو. ھن چيو ته بلاول ڀٽو جو مقابلو ڪرڻ جو حساب ٿا وٺو؟ ڪنهن بہ ٽي وي چئنل تي مناظري لاءِ تيار آھيان. ھن چيو ته افغانين جي واپسي اسان جي ايجنڊا ۾ شامل آھي. پر پڇڻ ٿو چاھيان ڌارين کي ملڪيتون ڪنهن ڏنيون؟ حڪمرانن ڌارين کي زمينون ڏنيون. ڪراچي ۾ ڌاريا آباد ڪرايا. ھن چيو ته نوشهرو فيروز جي امن لاءِ ھر مهيني 28 ڪروڙ بجيٽ آھي پر امن ناھي، جڏھن ته ٻوڏ ۾ ھن ضلعي جو وڏو نقصان ٿيو، پر اسان عوام کي مصيبت ۾ نه ڇڏيو آھي. نوشهرو فيروز جي سرڪاري اسپتال کي 2 ارب 92 ڪروڙ بجيٽ ڏني وئي پر سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون نه ٿيون ملن، عوام بيمارين ۾ مري رھيو آھي. شهرن ۾ صفائي نه ٿي ٿئي، حڪمران بجيٽ کائي ويا، اربين روپيا ھڙپ ڪري ويا. برسات متاثرن کي سرڪاري امداد به نه ملي. حڪمرانن 2 ارب ورلڊ بئنڪ کان ورتا صرف نوشھرو فيروز ضلع لاءِ پر نوشهرو فيروز ۾ متاثرن کي گهر ٺهي نه مليا آھن