محمد حسين محنتي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي ايراني قونصل جنرل سان ملاقات

فلسطين جو مسئلو عالم اسلام جي اهم ترين مسئلن مان هڪ آهي: قونصل جنرل حسن نورين

محمد حسين محنتي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي ايراني قونصل جنرل سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته جماعت اسلامي جهاد فلسطين جي مڪمل حمايت، ان کي اتحاد امت ۽ اسلامي انقلاب جو ذريعو سمجهي ٿي، افغانستان وانگر غزه به آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج جو قبرستان ثابت ٿيندو، اسرائيل غزه ۾ آبادي ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي بدترين درندگي ۽ انسان دشمني جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ان ڪڌي عمل جو اقوام متحده، انساني حقن جي ادارن توڙي عالمي ضمير کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اڄ امت جي هڪ ٿيڻ جو وقت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي جمهوري ايران جي قونصل جنرل حسن نورين سان ملاقات دوران ڪيو. ايراني قونصليٽ ۾ قونصل جنرل حسن نورين جماعت اسلامي وفد جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته فلسطين جو مسئلو عالم اسلام جي اهم ترين مسئلن مان هڪ آهي، پر ان تي عالم اسلام جي حڪمرانن جي خاموشي تي ڳڻتي آهي، جڏهن جابر ظالم قوتون ناحق تي گڏ ۽ امريڪا برطانيه جا حڪمران اسرائيل جو دورو ڪري حمايت ڪري سگهن ٿا ته پوءِ اسان حق تي هوندي به مسلمان ملڪ متحد ٿي ڪري مظلوم فلسطينين جي پٺ تي ڇو نٿا بيهن، مسلمان دنيا ۾ 02 ارب آهن جڏهن ته غير مسلم صرف 15 ملين آهن جيڪي 02 ارب تي هاوي آهن. وفد ۾ محمد مسلم، مجاهد چنا ۽ سلمان علي پڻ شامل هئا..#