جماعت اسلامي پاران سيد گل محمد شاھھ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار

سنڌ ھڪ عالم اديب ، درويش ء عظيم انسان کان محروم ٿي وئي آھي: محمد حسين محنتي

جماعت اسلامي پاران سيد گل محمد شاھھ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي سيد گل محمد شاه جي وفات تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ھڪ عالم اديب ، درويش ء عظيم انسان کان محروم ٿي وئي آھي مرحوم هڪ سچو عاشق رسول، بهترين اديب ۽ شاعر هو، هو اسلام جو مجاهد، حق جي غلبي جي تحريڪ جو مسافر هو، سندس قلم ذريعي نثر ۽ نظم ۾ سيرت جو پيغام هن لاءِ آخرت ۾ صدقه جاريه ٿيندو. صوبائي امير مرحوم جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ سندس سموري خاندان لاءِ صبر جميل جي توفيق لاءِ دُعا پڻ ڪئي. هوڏانهن مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو،ممتاز حسين سهتو،عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا حزب الله جکرو ۽ مجاهد چنا پڻ سيد گل محمد شاه گل بخاري جي اوچتي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.#