شھدادڪوٽ واسي ناليوارو اديب ۽ دانشور سيد گل محمد شاھھ بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

سيد غلام شاه بخاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد گل محمد شاه بخاري ڪيترائي ڪتاب لکيا

شھدادڪوٽ واسي ناليوارو اديب ۽ دانشور سيد گل محمد شاھھ بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

شھدادڪوٽ (رپورٽر) سنڌ جو معروف اديب، دانشور ۽ سيرت نگار سيد گل محمد شاه گل بخاري وفات ڪري ويو، 21آگسٽ1960ع ۾ شهداد ڪوٽ جي سيد غلام شاه بخاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد گل محمد شاه بخاري ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ،ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ جو پرنسپل ۽ 20هين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو، سڀ کان پهرين اسلاميه ڪاليج ڪراچي ۾ بطور پروفيسر ملازمت جي شروعات ڪيائين، سندس قابل ذڪر ڪتابن ۾ “ رهبر اعظم، ذڪر رسول، سرور عالم” سمييت لڳ ڀڳ ھڪ سو کن ڪتاب شامل آهن. مرحوم پنهنجي رهائش گاه سان گڏ هڪ شاندار سيرت لائبرري پڻ قائم ڪئي جنهن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ سنڌي عربي فارسي اردو ۾ ديني ڪتاب ۽ قرآن شريف جا نسخا موجود آهن، پري پري کان ماڻهو ھتي علمي تحقيق توڙي پنهنجي علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ سيرت لائبرري جو رخ ڪندا هئا. سيد گل محمد شاه گل بخاري هڪ سچو عاشق رسول، ديندار، مخلص ۽ مهمان نواز شخصيت ۽ هڪ مسجد جو خطيب توڙي مدرسي جو مهتمم پڻ هو، مرحوم شاگردي واري دور ۾ اسلامي جمعيت طلبه سان واڳيل ۽ مرڻ گهڙي تائين جماعت اسلامي جي مختلف ذميوارين تي پڻ فائز رهيو. سيد گل محمد شاه گل بخاري پنهنجي پوئنرن ۾ هڪ پُٽ، هڪ ڌيءُ ۽ بيوه کان علاوه سوين شاگرد ۽ دوست سوڳورا ڇڏيا آهن. نمازه جنازه مرڪزي عيد گاه شهداد ڪوٽ ۾ پروفيسر حافظ يعقوب ڪمبوهه جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي جڏهن ته سندس تدفين اباڻي قبرستان بهانڙي جي وانڍ ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻن پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، ڪاشف سعيد شيخ، ضلعي امير پروفيسر حافظ منصور ابڙوکان علاوه سياسي، سماجي، ديني شخصيتن ۽ وڏي انگ ۾ دوستن شرڪت ڪئي.