English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ويجھو ڳوٺ گل محمد سيال جي رھواسين جو بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج
164 views
|
30th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
2مھينا اڳ اسان جو نوجوان پوليس اھلڪار گلشير لانگاھھ ھٿياربندن ھٿان مارجي ويو ھو: وارث
مورو (رپورٽر) مورو ويجھو ڳوٺ گل محمد سيال ۾ رات جي اونداھي ۾ پوليس جي ليبر ڪائونسلر پيپلز پارٽي يوسي ڪوٽ ستابو جي انفارميشن سيڪريٽريخميسو خان لانگاھ سميت لانگاھ برادريءَ جي گھرن تي چڙھائي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ ڀنڃ ڊاھ عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف مردن عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو.جنھن جي اڳواڻي عبدالحڪيم، احمد خان، جميل احمد لانگاھ، عالم خاتون، مريم خاتون، ذرينا لانگاھ ۽ ٻيون ڪري رھيون ھيون جتي ھنن چيو تہ ٻہ مھينا اڳ مورو شھر جي خليفي سائين محلي ۾ اسان جي نوجوان پوليس اھلڪار گلشير لانگاھ کي بي درديءَ سان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو جنھن جو ڪيس داخل ڪرايل آھي ۽ ھڪ مک جوابدار گرفتار ٿيل آھي جڏھن تہ باقي ٻاھر ھجڻ ڪري اسان جي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا ھئا ۽ مسلسل پوليس جون چڙھايون ڪرائي اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ زور ڏنو پيو وڃي.ھنن چيو تہ اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون ھو بااثر ھجڻ ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ رات جي اونداھي ۾ مورو سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس گھرن تي چڙھائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ گھرن ۾ ڀنڃ ڊاھ، عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري ٻڪريون، ڪڪڙيون، سونا زيور، روڪ رقم کڻي ويا آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ اسان کي يار محمد لانگاھ، ستار، وقار، نويد لانگاھ ۽ ٻيا پوليس سان گڏجي ظلم ڪري رھيا آھن، ھنن چيو تہ نوجوان بہ اسان جو قتل ڪيو ويو آھي ۽ ڌمڪايو، ھيسايو بہ اسان کي پيو وڃي جيڪو سراسر ظلم ناانصافي آھي. ھنن مطالبو ڪيو تہ ملوث جوابدارن ۽ چڙھائي ڪندڙ پوليس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو
ڳوٺ گل محمد سيال
0 تبصرے