English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ويجھو ڳوٺ گل محمد سيال جي رھواسين جو بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج
views
|
30th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
2مھينا اڳ اسان جو نوجوان پوليس اھلڪار گلشير لانگاھھ ھٿياربندن ھٿان مارجي ويو ھو: وارث
مورو (رپورٽر) مورو ويجھو ڳوٺ گل محمد سيال ۾ رات جي اونداھي ۾ پوليس جي ليبر ڪائونسلر پيپلز پارٽي يوسي ڪوٽ ستابو جي انفارميشن سيڪريٽريخميسو خان لانگاھ سميت لانگاھ برادريءَ جي گھرن تي چڙھائي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ ڀنڃ ڊاھ عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف مردن عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو.جنھن جي اڳواڻي عبدالحڪيم، احمد خان، جميل احمد لانگاھ، عالم خاتون، مريم خاتون، ذرينا لانگاھ ۽ ٻيون ڪري رھيون ھيون جتي ھنن چيو تہ ٻہ مھينا اڳ مورو شھر جي خليفي سائين محلي ۾ اسان جي نوجوان پوليس اھلڪار گلشير لانگاھ کي بي درديءَ سان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو جنھن جو ڪيس داخل ڪرايل آھي ۽ ھڪ مک جوابدار گرفتار ٿيل آھي جڏھن تہ باقي ٻاھر ھجڻ ڪري اسان جي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا ھئا ۽ مسلسل پوليس جون چڙھايون ڪرائي اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ زور ڏنو پيو وڃي.ھنن چيو تہ اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون ھو بااثر ھجڻ ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ رات جي اونداھي ۾ مورو سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس گھرن تي چڙھائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ گھرن ۾ ڀنڃ ڊاھ، عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري ٻڪريون، ڪڪڙيون، سونا زيور، روڪ رقم کڻي ويا آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ اسان کي يار محمد لانگاھ، ستار، وقار، نويد لانگاھ ۽ ٻيا پوليس سان گڏجي ظلم ڪري رھيا آھن، ھنن چيو تہ نوجوان بہ اسان جو قتل ڪيو ويو آھي ۽ ڌمڪايو، ھيسايو بہ اسان کي پيو وڃي جيڪو سراسر ظلم ناانصافي آھي. ھنن مطالبو ڪيو تہ ملوث جوابدارن ۽ چڙھائي ڪندڙ پوليس خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري انصاف تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مورو
ڳوٺ گل محمد سيال
0 تبصرے