English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي ويجھو اسٽون ڪريش پلانٽ مقامي ماڻھن لاءِ آزار بڻيل، ڳوٺاڻن ۾ تاءُ
210 views
|
30th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
مشتاق احمد سومرو اسٽيل مل جي سرڪاري پهاڙي تي رشوت وٺي اسٽون ڪريش پلانٽ لڳرايا آهن: ڳوٺاڻن جو الزام
ٺٽو(ڊر) مڪلي ويجهو پاڪستان اسٽيل مل جي پنج هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي ڪيترائي ناجائز لڳل اسٽون ڪريش پلانٽن مقامي ماڻهن لاءِ آزار بڻيل،مقامي ماڻهن ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ رمضان جوکيو ڳوٺ محمد قاسم جوکيو ڳوٺ سومار جوکيو ڳوٺ هاشم پالاري حاجي محمدالدين مري ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن جي ڳوٺاڻن لاءِ آزار بڻيل ناجائز اسٽون ڪريش پلانٽن کي فوري بند لاءِ مرحليوار احتجاج ڪرڻ تحريڪ هلائڻ سخت احتجاج جو چتاءُعوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ مقامي ڳوٺاڻن آزاد عزيز اللّه جوکيو گنهور خان جوکيو قائم علي جوکيو بهادر خان جوکيو ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان اسٽيل مل ڪيترن سالن کان بند آهي ان ڪري اسٽيل مل جا پلانٽ به بند آهن پر ان باوجود اسٽيل مل جو اڳوڻون رٽائرڊ ريسٽ هائوس انچارج ملازم هاڻوڪو ڊيلي ويجز تي پلانٽ انچارج مقرر مشتاق احمد سومرو جيڪو پنهنجي پاور تي ناجائز نموني اسٽيل مل جي سرڪاري پهاڙي تي لکون روپيه رشوت وٺي اسٽون ڪريش پلانٽ لڳرايا آهن اهڙن ناجائز اسٽون ڪريش پلانٽن ۾ ھر روز واڌارو ٿيندو پيو وڃي هن وقت چار اسٽون ڪريش پلانٽ آهن جن ۾ هزارا ڪريش پلانٽ شاهمراد ڪريش پلانٽ ابراهيم ڪريش پلانٽ سميت ٻيا ڪجھ اسٽون ڪريش پلانٽ آهن جيڪي ان اسٽيل مل جي پهاڙي تي قائم آهن ان پهاڙي ڀرسان ڪيترائي قديمي مقامي ماڻهن جا ڳوٺ آهن جن کي اسٽون ڪريش پلانٽن جي ڌماڪيدار بلاسٽينگ سبب پڪن گهرن توڙي اسڪولن جي ديوارن کي ڏار پئجي ويا آهن مٽي دز سبب ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جون اڳ به ٻڪريون ڌماڪن جي زد ۾ اچي مرڻ جا واقعا پڻ ٿيا آهن ڳوٺاڻن چيو اسان جي ماڻهون مٽي دز سبب دم ساھ کنگھ جهڙن مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن ڳوٺاڻن چيو اڳ به اسان ڌانهون ڪيون آهن پر ڪو تدارڪ نه ٿيو مقامي ڳوٺاڻن چيو ته ناجائز سمورن اسٽون ڪريش پلانٽن کي فوري بند ڪرايو وڃي جڏهن ته ڊيلي ويجز تي پاڪستان اسٽيل مل جي پلانٽن تي مقرر انچارج مشتاق سومرو کي فوري هٽائي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي جنهن طرفان پاڪستان اسٽيل مل جي سرڪاري زمين کي پنهنجي ذاتي جائيداد سمجهي اسٽون ڪريش پلانٽ لڳرائي مهنيوار لکون روپيه رشوت وصولي ڪئي وڃي ٿي هنن ڊي سي ٺٽو ايس ايس پي ٺٽو ۽ پاڪستان اسٽيل مل توڙي منرل مائينز سنڌ توڙي هيلٿ کاتي جي اعليٰ اختيارين کان فوري تحرڪ جو مطالبو ڪيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
مڪلي
پاڪستان اسٽيل مل
اسٽون ڪريش
0 تبصرے