English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي ويجھو اسٽون ڪريش پلانٽ مقامي ماڻھن لاءِ آزار بڻيل، ڳوٺاڻن ۾ تاءُ
views
|
30th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
مشتاق احمد سومرو اسٽيل مل جي سرڪاري پهاڙي تي رشوت وٺي اسٽون ڪريش پلانٽ لڳرايا آهن: ڳوٺاڻن جو الزام
ٺٽو(ڊر) مڪلي ويجهو پاڪستان اسٽيل مل جي پنج هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي ڪيترائي ناجائز لڳل اسٽون ڪريش پلانٽن مقامي ماڻهن لاءِ آزار بڻيل،مقامي ماڻهن ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ رمضان جوکيو ڳوٺ محمد قاسم جوکيو ڳوٺ سومار جوکيو ڳوٺ هاشم پالاري حاجي محمدالدين مري ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن جي ڳوٺاڻن لاءِ آزار بڻيل ناجائز اسٽون ڪريش پلانٽن کي فوري بند لاءِ مرحليوار احتجاج ڪرڻ تحريڪ هلائڻ سخت احتجاج جو چتاءُعوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ مقامي ڳوٺاڻن آزاد عزيز اللّه جوکيو گنهور خان جوکيو قائم علي جوکيو بهادر خان جوکيو ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان اسٽيل مل ڪيترن سالن کان بند آهي ان ڪري اسٽيل مل جا پلانٽ به بند آهن پر ان باوجود اسٽيل مل جو اڳوڻون رٽائرڊ ريسٽ هائوس انچارج ملازم هاڻوڪو ڊيلي ويجز تي پلانٽ انچارج مقرر مشتاق احمد سومرو جيڪو پنهنجي پاور تي ناجائز نموني اسٽيل مل جي سرڪاري پهاڙي تي لکون روپيه رشوت وٺي اسٽون ڪريش پلانٽ لڳرايا آهن اهڙن ناجائز اسٽون ڪريش پلانٽن ۾ ھر روز واڌارو ٿيندو پيو وڃي هن وقت چار اسٽون ڪريش پلانٽ آهن جن ۾ هزارا ڪريش پلانٽ شاهمراد ڪريش پلانٽ ابراهيم ڪريش پلانٽ سميت ٻيا ڪجھ اسٽون ڪريش پلانٽ آهن جيڪي ان اسٽيل مل جي پهاڙي تي قائم آهن ان پهاڙي ڀرسان ڪيترائي قديمي مقامي ماڻهن جا ڳوٺ آهن جن کي اسٽون ڪريش پلانٽن جي ڌماڪيدار بلاسٽينگ سبب پڪن گهرن توڙي اسڪولن جي ديوارن کي ڏار پئجي ويا آهن مٽي دز سبب ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جون اڳ به ٻڪريون ڌماڪن جي زد ۾ اچي مرڻ جا واقعا پڻ ٿيا آهن ڳوٺاڻن چيو اسان جي ماڻهون مٽي دز سبب دم ساھ کنگھ جهڙن مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن ڳوٺاڻن چيو اڳ به اسان ڌانهون ڪيون آهن پر ڪو تدارڪ نه ٿيو مقامي ڳوٺاڻن چيو ته ناجائز سمورن اسٽون ڪريش پلانٽن کي فوري بند ڪرايو وڃي جڏهن ته ڊيلي ويجز تي پاڪستان اسٽيل مل جي پلانٽن تي مقرر انچارج مشتاق سومرو کي فوري هٽائي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي جنهن طرفان پاڪستان اسٽيل مل جي سرڪاري زمين کي پنهنجي ذاتي جائيداد سمجهي اسٽون ڪريش پلانٽ لڳرائي مهنيوار لکون روپيه رشوت وصولي ڪئي وڃي ٿي هنن ڊي سي ٺٽو ايس ايس پي ٺٽو ۽ پاڪستان اسٽيل مل توڙي منرل مائينز سنڌ توڙي هيلٿ کاتي جي اعليٰ اختيارين کان فوري تحرڪ جو مطالبو ڪيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
مڪلي
پاڪستان اسٽيل مل
اسٽون ڪريش
0 تبصرے