ملير جي مختلف علائقن ۾ فلسطين تي جاري اسرائيلي بربريت خلاف ريليون

پپري، شاهه ٽائون، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، عيدو ڳوٺ ۽ ٻين علائقن کان ريليون ڪڍيون ويون

ملير جي مختلف علائقن ۾ فلسطين تي جاري اسرائيلي بربريت خلاف ريليون

ملير(ڊ ر) اسرائيل جي ظلم ۽ بربريت خلاف ملير جي مختلف علائقن پپري، شاهه ٽائون، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، عيدو ڳوٺ ۽ ٻين علائقن کان ريليون، اصغريه علم تعليم تحريڪ پاڪستان پاران عورتن، ٻارڙن، بزرگن ۽ نوجوانن جون فلسطينين جي حق ۾ ريليون ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پهچي اسرائيل خلاف احتجاجي مظاهرو، نعريبازي، ريلي ۾ سوين عورتن ۽ ٻارن، بزرگن نوجوانن جي شرڪت، ان موقعي تي اسرائيل خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا وياهٿين خالي فلسطينين مٿان بمباري ٿي رهي آهي هزارين فلسطين ماڻهو معصوم ٻارڙا، بزرگ، نوجوان شهيد ٿي چڪا آهن: مظاهرينفلسطينين جا شهر، اسپتالون، مسجدون، گهر مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ اسلامي دنيا جي خاموشي سواليه نشان آهياڄ فلسطينين جون اکيون مدد جي لاءِ پڪاري رهيون آهن ۽ اسان پنهنجي فلسطينين ڀائرن سان گڏ آهيون اڄ سون جي تعداد ۾ هن مظاهري ۾ عورتن، ٻارڙن جي شرڪت ۽ اسرائيل جي جهنڊي مٿان پير رکي نفرت جو اظهار ڪري رهيا آهيون، فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم جو اقوام متحده سميت اسلامي دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ هن وقت فلسطين سان گڏ بيهڻ گهرجي جيڪي پنهنجي حقن جي لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن فلسطين ۾ اسان جو قبل اول آهي جنهن جي حفاظت مسلمان ملڪن تي فرض آهي جنهن جي حفاظت فرض ۾ شامل آهي، حملا بند نه ٿيا ته سخت احتجاجي رد عمل ڏنو ويندو