ميرپورخاص: نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جو وارثن سميت ڳورهاري عورت تي تشدد، ڌيءَ سندس پيٽ ۾ فوت ٿي وئي

ڊاڪٽرياڻي ماهنور، سندس مڙس ڊاڪٽر شهباز ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل

ميرپورخاص: نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جو وارثن سميت ڳورهاري عورت تي تشدد، ڌيءَ سندس پيٽ ۾ فوت ٿي وئي

ميرپورخاص لڳ خانگي اسپتال ۾ گذريل رات دير سان ڳورھاري عورت جي ڊليوري دوران ٿيل جھيڙي ۾ ڳورھاري عورت شمائلا آرائين جي معصوم نياڻي پيٽ ۾ دم ڏئي ڇڏيو فوتي نينگري جي والد رشيد جي فرياد تي، پراڻي ميرپور پوليس ٿاڻي تي ڊاڪٽر ماھنور، سندس مڙس ڊاڪٽر شھباز ۽ سندس والد انعام سميت پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري پوليس ڊاڪٽرياڻي جي والد انعام سميت سندس سئوٽ حمزا کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڊاڪٽرياڻي سميت سندس مڙس ۽ چاچي اسلام جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو. ياد رھي ته رات دير سان ڀائرن سان آيل ڊليوري لاء ڳورھاري عورت جي آپريشن وقت پيپرن تي مڙس جي غير موجود گي ۾ ڀاء پاران صحيح ڪرڻ تي ڊاڪٽرياڻي ۽ متاثر عورت جي ڀاء وقاص آرائين ۾ ڊاڪٽرياڻي پاران مڙس نه ھئڻ تان غيراخلاقي لفظ ڳالھائڻ تان جھيڙو ٿيو ھو جنھن تان ڊاڪٽرياڻي جي وارثن ھٿيارن سان اسپتال ۾ پھچي متاثر مريض عورت جي ڀاء وقاص آرائين تي حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو ۽ جھيڙو دوران متاثر خاندان ڳورھاري عورت جي پيٽ ۾ لتون لڳڻ سبب نومولود ٻار فوت ٿيڻ جو الزام ھنيو ھو ۽ اھڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ھوڏانھن اسپتال انتظاميا طرفان ڊاڪٽرياڻي سميت سندس ڊاڪٽر مڙس کي اسپتال مان معطل ڪري معاملي جي انڪوائري لاء پنج رکني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.