سنڌ جي قديم ماڳ موھن جو دڙو جي ايراضي مان مٽي چوري ٿيڻ جو انڪشاف

ڪرين مشين ذريعي کوٽائي ڪرائي مٽي جون 100 کان وڌيڪ ٽريڪٽر ٽراليون کنيون ويون

سنڌ جي قديم ماڳ موھن جو دڙو جي ايراضي مان مٽي چوري ٿيڻ جو انڪشاف

ڏوڪري ( اطهر ميمڻ) سنڌ جي تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي ايراضي مان ڪرين مشين ذريعي غير قانوني طريقي سان کوٽائي ڪري مٽي جون 100 کان وڌيڪ مٽيءَ جون ٽريڪٽر ٽراليون کنيون ويون. مشينري ذريعي غير قانوني کوٽائي سبب 50 کان مٿي فوٽ ڊگهو ۽ 20 فوٽ اونهو کڏو ٺهي ويو آهي. قديم ماڳ جي اسٽوپا واري ايريا جي اولهہ طرف ماڳ جي ايراضي مان غير قانوني طور کوٽائي ذريعي کڏا کڻي مٽي ڍوئڻ جي اطلاع تي ايئرپورٽ پوليس جي ڪاروائي ڪري ڪرين مشين ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي 2 ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو. موهن جي دڙي انتظاميا بااثر ماڻهن خلاف اينٽي ڪُئيٽي ايڪٽ مطابق ڳري مشينري ذريعي غير قانوني کوٽائي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ بجاء اهڙو غلط عمل ڪندڙن کي معاف ڪري ٿاڻي تان ڇڏائي ورتو آهي. بااثر ماڻهن طرفان قديم ماڳ جي ايراضي مان ڳري مشينري ذريعي کوٽائي ڪري 100 کان وڌيڪ مٽي جون ٽراليون کڻڻ ۽ انتظاميہ طرفان بااثرن کي معاف ڪرڻ تي علائقي جي سڄاڻ ڌرين طرفان سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي انتظاميہ طرفان بااثر ماڻهن کي معافي ڏيڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪئي آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊاريڪٽر موهن جو دڙو سيد شاڪر شاهہ ٻڌايو تہ ڪرين مشين سان کوٽائي ڪري مٽي کڻڻ غير قانوني عمل آهي. اطلاع تي هن پوليس ذريعي غير قانوني عمل تي کين گرفتار ڪرايو. پر گرفتار ٿيل ماڻهن اڳتي اهڙي ڪاروائي نہ ڪرڻ جي معافي گهرڻ تي هنن کين معاف ڪري ڇڏيو آهي.