English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڪشمير ڊي جي حوالي سان ڪارو ڏينھن ملھايو ويو، ريلي ۽ تقريب منعقد
157 views
|
27th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ضلعي انتظاميھ پاران ڊي سي عبدالواجد شيخ جي قيادت ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان ڊگري ڪاليج تائين ريلي ڪڍي وئي
سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملھائڻ بابت ريلي ۽ تقريب جو اھتمام ڪيو ويو, ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ”ڪارو ڏينهن“ ملهائڻ جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميہ سجاول پاران ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي قيادت ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول کان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ ڪشميري جهنڊا کڻي ڀارتي فوج جي غنڊه گردي جي خلاف ۽ ڪشميري حُريت پسندن جي حق ۾ سخت نعريبازي پڻ ڪئي. بعد ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ھڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو ته 27ـ آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جنت نظير وادي ڪشمير تي قبضو ڪري والاريل ڪشمير جي مسلمانن تي ڀارت پاران ظلم، بربريت ۽ رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو شروع ڪيو ويو جيڪو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪافي عرصي کان ڪرفيو جاري آهي جنهن سبب ڪشميري عوام جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ سمورا پاڪستاني ڪشميرين سان گڏ بيٺا آهن. هن ڀارتي فورسز طرفان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ غير انساني سلوڪ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته عالمي ادارا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو فوري نوٽيس وٺن. تقريب کي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري پيار علي خواجه، پرنسپال گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پروفيسر محمد حسن ڀٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ شاگردن ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ تقريرون ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول رضوان عالم شيخ، تعليم، صحت، پوليس، روينيو، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ عملي کان علاوه مختلف اين جي اوز جي نمائندن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
0 تبصرے