نوشھرو فيروز جي ميونسپل ملازمن کي پگھارون نھ ملي سگھيون، ھنگامي گڏجاڻي

آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن رجسٽرڊ سنڌھ جي ڊويزن جي گڏجاڻي ٿي گذري

نوشھرو فيروز جي ميونسپل ملازمن کي پگھارون نھ ملي سگھيون، ھنگامي گڏجاڻي

نوشھرو فيروز (ڊ ر) نوشھرو فيروز ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن جي 22 آڪٽوبر تائين پگهاون نه ٿي سگھيون آھن ملازم سخت پريشان۔ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن رجسٽرڊ سنڌھ جي ڊويزن جي ميٽنگ ٿي گذري جنھن ۾ مرڪزي اڳوڻ رسول بخش شاھاڻي ۔قلندر بخش شاھاڻي ۔راجه ڪشن ۔نويد احمد تڳر ۔منظور ملڪ شرڪت ڪئي ميٽنگ ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن سان مسلسل ناجائزين پگھارن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ بلا جواز پگهارون بند ڪري ملازمن کي مايوس ڪرڻ پگهارن جا رھيل ڊفرنس بل ادا نه ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو خاص طور تي نوشھرو فيروز ميونسپل ڪاميٽي ۽ ڏھرڪي جي ملازمن جون پگهارون نه ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ جلد ملازمن جي حقن لاء جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪيو ويو آخر ۾ اختيارين کان گھر ڪئي وئي ته ميونسپل ڪاميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن جي 22 آڪٽوبر 2023 تائين پگهار نه ٿي سگھي آھي ملازم فاڪا ڪشي واري زندگي ڪٽي رھيا آھن ۽ ميونسپل ڪاميٽي نوشھروفيروز جي ملازمن جي جلد پگھارون ڪيون وڃن