ميرپورخاص ۾ آرٽس فائونڊيشن پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت گڏجاڻي

ٽي کان چار موبائيل سمون ۽ بيلنس 1000 کان وڌيڪ رکندڙ عورتون بي آءِ ايس پي وظيفي لاءِ نااھل آھن: شميم مري

ميرپورخاص ۾ آرٽس فائونڊيشن پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت گڏجاڻي

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سماجي تنظيم آرٽس فائونڊيشن پاران ايس پي او جي سھڪار ۽ آڪسفيم جي معالي تعاون سان 2022 جي ٻوڏ متاثرن جي پروجيڪٽ تحت ضلعي تحفظ ڪاميٽي ميمبرن جي تحفظ سان لاڳاپيل ميرپورخاص ضلعي جي سرڪاري ادارن سان ٽي ماھي ميٽنگ منعقد ڪئي وئي. ميٽنگ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شميم مري ٻڌايو ته ڪيئن ڪير بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽريشن ڪرائي سگهي ٿو , جن عورتن جي نالي تي ٽي کان چار موبائيل سمون آهن ۽ انهن جو بيلنس 1000 کان وڌيڪ هوندو ته اهي عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ناهن ٿي سگھنديون. ان موقعي تي بيت المال جي انچارج سوٽ هوم شازيه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جنيد مرزا، لائيو اسٽاڪ خان محمد مري. ڊاڪٽر وحيد خاصخيلي،يونيسيف جي نعيم ميربحر سميت ٻين شعبن جي ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ڳوٺ جي عورتن کي سندن پروگرامن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي آرٽس فائونڊيشن جي پروجيڪٽ مئنيجر علي حسن نون چيو ته هن ميٽنگ ۾ اسان ڳوٺاڻي سطح تي بنيادي تحفظ ڪميٽي جي ميمبرن کي آگاھي ڏني آھي ته اھي تحفظ سان لاڳاپيل مسئلن جي نشاندهي ڪري ادارن سان رابطو ڪن , آرٽس فائونڊيشن فائونڊيشن توھان سان ھر قسم جو تعاون ڪرڻ لا تيار آهي.